ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش ۾ مظاهرين عوامي ليگ جي اڳواڻ جي هوٽل کي باهه ڏئي ڇڏي جنهن سبب 24 ڄڻا فوت ٿي ويا. عوام ليگ جيسور شهر جي جنرل سيڪريٽري جي جيسور ۾ واقع زابير انٽرنيشنل هوٽل کي باهه ڏيڻ سبب گهڻو ڪري ماڻهو ساهه ٻوساٽجڻ سبب فوت ٿيا جڏهن ته ڪيترائي سڙي زخمي ٿيا. ريسڪيو عملدارن موجب لاش هوٽل جي مختلف ماڙن تان مليا. بنگلاديشي ميڊيا موجب فائر فائٽرز هجوم جي مزاحمت سبب ڊگهو وقت باهه وسائڻ جو ڪم شروع نه ڪري سگهيا هئا ۽ 12 ڪلاڪن کانپوءِ باهه تي ضابطو آندو ويو. ٻئي پاسي مقامي ميڊيا جو چوڻ آهي ته بنگلاديش ۾ سومر ڏينهن سڀ کان وڌيڪ فوتگيون ٿيون. اسپتال ذريعن موجب احتجاج ۾ سومر تي 100 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي ويا.
مجموعي طور تي 400 کان وڌيڪ ماڻهو ڇڪتاڻ ۾ مارجي ويا آهن. سومر تي پوليس اسٽيشنن کي به باهيون ڏنيون ويون.