ڀارتي ميڊيا بنگلاديش حڪومت ڊاهڻ جو الزام آءِ ايس آءِ تي هڻي ڇڏيو

نئين دهلي(م ڊ) شيخ حسينه واجد جي حڪومت وڃڻ کان پوءِ ڀارتي ميڊيا الزام هنيو آهي ته بنگلاديش ۾ حڪومتي تبديلي جو ڪارنامو  پاڪستان جي ڳجهي ايجنسي انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) ڪيو آهي. ڀارتي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته بنگلاديش جي انٽيليجنس رپورٽن ۾ پاڪستان جي ڳجهي ايجنسي انٽر سروسز انٽيليجنس (آءِ ايس آءِ) شيخ حسينه واجد جي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جي ذميوار آهي. ان حوالي سان ڀارتي ميڊيا بنگلاديش جي انٽيليجنس رپورٽن جي حوالي سان دعويٰ ڪئي آهي ته احتجاج ۽ حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ جو سمورو بليو پرنٽ آءِ ايس آءِ جي مدد سان لنڊن ۾ تيار ڪيو ويو هو. رپورٽ موجب بنگلاديش اختيارين دعويٰ ڪئي آهي ته انهن وٽ بنگلاديش نيشنلسٽ پارٽي (بي اين پي) جي وقتي چيئرمين طارق رحمان ۽ خالده ضياءَ جي پٽ ۽ آءِ ايس آءِ جي اهلڪارن وچ ۾ سعودي عرب ۾ ملاقاتن جا ثبوت موجود آهن. ڀارتي اخبار ”انڊيا ٽو“ جو الزام آهي ته پاڪستاني فوج ۽ آءِ ايس آءِ جو مقصد حسينه واجد جي حڪومت کي غير مستحڪم ڪرڻ ۽ مخالف ڌر بي اين پي کي بحال ڪرڻ آهي، جيڪا پاڪستان جي حامي آهي.  رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته چين آئي ايس آئي جي ذريعي احتجاج کي باهه ڏيڻ ۾ پڻ ڪردار ادا ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ شيخ حسينه کي هندستان ڀڄي وڃڻ تي مجبور ڪيو. ڀارتي ميڊيا موجب انٽيليجنس اسٽيبلشمينٽ هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته جماعت اسلامي بنگلاديش جي شاگرد ونگ ۽ آءِ ايس آءِ جي حمايت يافته اسلامي ڇاترا شبير (آءِ سي ايس) احتجاج کي باهه ڏني. ان کي شيخ حسينه جي جاءِ تي هڪ اهڙي حڪومت ڏيڻ جي ڪوشش ۾ تبديل ڪيو جيڪا پاڪستان ۽ چين جي دوستي هجي. رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي آهي ته اسلامي ڇاترا شبير جي ميمبرن ڪيترن ئي مهينن کان اها رٿابندي ڪئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.