اسلام آباد(جاويد چوڌري) ڇا پي ٽي آءِ سيپٽمبر ۾ بنگلاديش جهڙو انقلاب آڻي سگهي ٿي؟ پي ٽي آءِ جي اڳواڻ وڏي دعويٰ ڪري ڇڏي،صوابي ۾ پي ٽي آءِ ڀرپور جلسو ڪري ڏيکاريو،ان جلسي ۾ پنجاب،سنڌ،بلوچستان،آزاد ڪشمير جي ماڻهن شرڪت نه ڪئي، علي امين گنڊاپور اعلان ڪيو ته اسان اسلام آباد اينداسين ۽ ڪنهن جو پيءُ به اسان کي روڪي نٿو سگهي، علي امين گنڊاپور جي ڌمڪي رڳو ڌمڪي ئي آهي، هن کي به خبر آهي ته ريڊلائن ڪراس ڪئي ته عهدي تان هٿ ڌوئڻا پوندا،پي ٽي آءِ جي ڪوشش آهي ته سيپٽمبر ۾ رٽائرمينٽ کانپوءِ چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ گهر هليو وڃي،باقي سيپٽمبر ۾ سندن انقلاب نه پيو اچي،حڪومت کين جلسو ڪرڻ نه ڏيندي،پي ٽي آءِ مان ڪو به اڳواڻ عمران خان جي جيل مان آزادي نٿو چاهي،اهي رڳو نعرا نه هڻندا،بنگالين جي مزاحمت جي الڳ تاريخ آهي، 1857ع واري آزادي جنگ جي شروعات به بنگالي ريجمينٽ کان ٿي هئي،منگل پانڊي بنگالي هو جنهن مزاحمت جي شروعات ڪئي هئي،ان وقت اتي موجود سمورن انگريز فوجين کي ماري ڇڏيو هو،علامه اقبال جڏهن ننڍي کنڊ ۾ اڃا مشهور ئي ٿي رهيو هو ان وقت تائين بنگالي شاعر رابرناٿ ٽيگور نوبل انعام ماڻي چڪو هو،بنگال مغلن جي دور ۾ به آزاد هو،ننڍي کنڊ ۾ ٺهندڙ آل انڊيا مسلم ليگ ۽ ڪانگريس به بنگالين ٺاهيون هيون،وائسراءِ تي پهريون بم حملو به بنگالين ڪيو هو،پاڪستان ٺاهڻ جي قرارداد به هڪ بنگالي مولوي عبدالحق پيش ڪئي هئي،بنگالي سياسي طور باشعور ۽ ٻاهرين مداخلت خلاف مزاحمت ڪندڙ ماڻهو آهن،انهن ۾ سادگي بي انتها آهي، پاڪستان جو برطرف وزيراعظم حسين شهيد سهروردي به بنگالي هو هٽائجڻ کانپوءِ هڪ ٽيڪسي ۾ هڪ بريف ڪيس سان رخصت ٿيو ۽ کيس اها به خبر نه هئي ته کيس ڪيڏانهن وڃڻو آهي،ڇو ته هن جو ذاتي ڪو گهر ئي نه هو،بنگلاديش جي ڀيٽ ۾ پاڪستان ۾ منافقت ۽ لالچ تمام گهڻي آهي،هتي احتجاج دوران نجي گاڏين ۽ ملڪيتن کي باهيون ڏنيون وڃن ٿيون
چين، بنگلاديش ۾ جلد سماجي استحڪام جي بحالي لاءِ پراميد
بيجنگ (م ڊ) چين بنگلاديش جي صورتحال تي رد عمل ڏيندي چيو آهي ته صورتحال جو جائزو وٺي رهيا آهيون. پرڏيهي وزارت جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ چيو ته موجوده صورتحال ۾ بنگلاديش ۾ جلد کان جلد سماجي استحڪام جي بحالي جي اميد ڪريون ٿا.
ڀارت شيخ حسينا کي گرفتار ڪري بنگلاديش حوالي ڪري: سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن
ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر اي ايم محبوب الدين خاڪان ڀارت کان مطالبو ڪيو آهي ته هو اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينا ۽ سندس ڀيڻ کي گرفتار ڪري بنگلاديش حوالي ڪري. محبوب الدين جو چوڻ آهي ته اسان ڀارت جي عوام سان گڏ سٺا لاڳاپا چاهيون ٿا، شيخ حسينا بنگلاديش ۾ ماڻهن جي موت جي ذميوار آهي، ان لاءِ ڀارت کيس گرفتار ڪري ڏيهه موڪلي. هنن مطالبو ڪيو ته شيخ حسينا جي حڪومت جا مقرر ڪيل اٽارني جنرل، اينٽي ڪرپشن ڪميشن جا عملدار ۽ نيشنل هيومن رائيٽس ڪميشن ميمبر هڪ هفتي ۾ استعيفيٰ ڏين.
بنگلاديشي عوام ڀارت تي ڪاوڙيل، اندرا گانڌي ڪلچرل سينٽر کي باهه
ڍاڪا (م ڊ) بنگلاديش ۾ عوام شيخ حسينا واجد جي عوامي ليگ سان گڏوگڏ ڀارت سان به نفرت جو اظهار ڪيو. ڍاڪا ۾ مظاهرين اندرا گانڌي ڪلرچل سينٽر کي ڀڃ ڊاهه کان پوءِ باهه ڏئي ڇڏي. ڀارتي تجزئي ڪارن جو چوڻ آهي ته ڀارت شيخ حسينا جو سڀ کان وڏو حمايتي هو، ان لاءِ اتي عوام ڀارت سان به اوتري ئي نفرت ڪري ٿو. ڀارت مخالف جذبن کانپوءِ ڀارتي فضائي ڪمپنين بنگلاديش لاءِ سڀ اڏامون ملتوي ڪري ڇڏيون جڏهن ته ڀارت ۽ بنگلاديش وچ ۾ ريل سروس به بند آهي.
ڀارت شيخ حسينه کي گذريل سال ٻڌائي ڇڏيو هو ته آرمي چيف جو لاڙو چين طرف آهي: ڀارتي اخبار
نئين دهلي(م ڊ)هڪ ڀارتي اخبار دعويٰ ڪئي آهي ته حسينه واجد کي ڀارتي نيشنل سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ جون 2023ع ۾ ٻڌايو هو ته بنگلاديش آرمي چيف چين ڏانهن مائل آهي. ڀارتي اخبار موجب بنگلاديش جي آرمي چيف احتجاج ڪندڙن کي روڪڻ بدران وزيراعظم کي الٽيميٽم ڏنو ته خالده ضياءَ جي آزاد ٿيڻ سان واضح ٿي ويو آهي ته اسلام پسند سياست ۾ اڳتي ايندا.