بنگلاديش ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو بنيادي سبب به ظلم آهي: عمران خان

راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جيل ۾ ملاقات دوران وڪيلن سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ پي ٽي آءِ  خلاف جاري جبر ختم ٿيڻ گهرجي. بنگلاديش ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو بنيادي سبب به ظلم آهي. اڊيالا جيل ۾ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان سان 6 وڪيلن ڪانفرنس روم ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ملاقات ڪئي، وڪيلن جي وفد ۾ انتظار پنجوٿا، زبير ڪسانا، معظم بٽ، سهيل سلطان، سمير کوسا ۽ هارون ارشاد جنجوعه شامل هئا. ملاقات کانپوءِ اڊيالا جيل ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ايڊووڪيٽ انتظار پنجوٿا چيو ته پي ٽي آءِ جي باني صوابي جلسي ۾ ڪارڪنن جو شڪريو ادا ڪيو ۽ 13 آگسٽ جي رات پاڪستان جا جهنڊا کڻي ٻاهر نڪرڻ جو چيو. هن چيو ته اڃا به وقت آهي انهن فيصلن تي نظرثاني ڪئي وڃي، مهانگائي عوام جي معيشت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، بنگلاديش جي صورتحال به ان سبب خراب ٿي وئي آهي، پاڪستان تحريڪ انصاف خلاف جبر جي پاليسي ختم ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.