ٻارن جي بھترين تربيت ۽ والدين جون ذميواريون

تحرير: ريحانه فتح خان کوسو

جيتوڻيڪ ٻار جي بھترين تربيت والدين جي گڏيل ذميواري ھوندي آھي، پر ٻار جي مڪمل شخصيت ٺاهڻ ۾ آس پاس جي ماحول يعني ڀيڻ، ڀائر، مٽ مائٽ، عزيز ۽ دوستن جو به ھٿ ھوندو آھي. ان کان سواءِ ٻار جي ذھني نشونما ۾ نه رڳو والدين پر اسڪول ۽ استاد به پنھنجو ڪردار ادا ڪن ٿا.اسان جي موجوده تعليمي نظام مطابق ٻار ھڪ درجي کان ٻي درجي تائين پھچڻ جو سفر ته ڪري ٿو پر سکڻ جي سگھه ۾ واڌ ويجهھ جو عمل گھٽ رھي ٿو.  مثال طور ٻار کي خبر آھي ته منھنجا مائٽ مارڪس وڌيڪ اچڻ تي خوش ٿيندا آھن ته ٻار پھرين اچي پنھنجا مارڪس ٻڌائيندو ۽ چوندو ته فلاڻي جي پٽ کان منھنجا مارڪس وڌيڪ آيا آھن پر جيڪڏهن اسين ٻار کان اھو سوال ڪنداسين ته ھن نصاب مان ھن کي ڇا سمجھه ۾ آيو يا ڪيترو ۽ ڇا سکڻ لاءِ مليو آهي ته شايد ئي ٻار ان جو ڪو جواب ڏئي سگھي، ڇو ته اسان جو رٽافڪيشن سسٽم  ٻار کي سٺا نمبر کڻائي پاس ته ڪرائي سگھي ٿو پر سندس تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ناھي ڪري سگھندو ۽ رڳو پاس ٿيڻ ته تعليم جو بنيادي مقصد ناھي ھوندو.ساڳي ريت ھڪ ٻار جيڪو ننڍپڻ کان وٺي پڙھائي ۾ ڪمزور ھجي اسان ان تي ڪڏھن به غور نه ڪيو آھي ته ڇا اھو شروع کان وٺي ايئن رھيو ھوندو.

اسان پاڻ ٻار کي اھا ڳالهھ ذھن نشين ڪرائي تسليم ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آھيون ته هو واقعي پڙھڻ ۾ ڪمزور آھي ۽ ايئن ئي رھندو اھا ڳالهھ ٻار جي معصوم ذھن تي گھرو اثر وجھي ٿي ۽ پوءِ اھڙو ٻار اڳتي اچڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندو آھي ۽ احساس ڪمتري ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي پر اتي اسين کيس اھو ڇو نٿا سمجھايون ته نمبرز گھٽ اچڻ جو مطلب آھي ته اڃا محنت جي ضرورت آھي اھا ناڪامي ڪونھي.جڏھن مائٽ پنھجي ٻار کي ٻين ٻارن سان ڀيٽ ڪرڻ شروع ڪندو آھي ته اھو ٻار مايوسي جو شڪار جلدي ٿيندو آھي ۽ پنھنجون تخليقي صلاحيتون ضايع ڪري ڇڏيندو آھي. پر جيڪڏهن انھي ٻار کي اسان ھمت افزائي ڪندا اڳتي وٺي اچون ته يقينن اھو ٻار اڳتي به ايندو  ۽ مختلف سرگرمين ۾ دلچسپي وٺي نمايان ڪارڪردگي ڏيکاري ھڪ منفرد شخصيت ٿي اڀري ايندو.

اسان جي فرسوده تعليمي نظام ۾ جدت آڻڻ جي ضرورت آھي جيڪو مڪمل طور تي ماضيءَ جي واقعات تي ٻڌل آھي جتي مختلف جنگجوئن جا قصا پڙھايا وڃن اتي ويڙهاڪ ئي پيدا ٿيندا آھن. ھن وقت سماج کي فقط ڊگري يافته نه بلڪ تربيت يافته فردن جي اشد ضرورت آھي اھو تڏهن ئي ممڪن آھي جڏھن ٻار کي گھربل ماحول ملندو. ھڪ ٻار  پنھنجي آس پاس جي ماحول مان سڀ سکي پوءِ اسڪول ويندو آھي ياد رھي ته اسڪول فقط سٺي تعليم ئي ڏئي سگھندا سٺي تربيت کين گھر مان ئي ملي سگھي ٿي.ان مان اهو ثابت ٿيو ته اسين ٻار کي فقط بھتر ماحول ڏينداسين تڏھن ئي سکندو ڇو ته ٻار صرف اسان جا عمل ڏسي ٿو ۽ پوءِ نقل ڪري ٿو.صرف نصيحتن مان ٻار باغي ٿي ويندو آھي سواءِ چند اھڙن موقعن جي جڏھن هو پاڻ ٻڌڻ چاھي، زبردستي ٻار کي اسين سمجھائي نه ٿا سگهون.خاص ڪري ان وقت جڏھن بار بار اسين ساڳي ڳالهھ ورجائيندا وڃون. اسان جو موجوده تعليمي نصاب ٻارن مختلف درجن ۾ ورھائڻ کان سواءِ ڪجهھ به ناھي، اسان جي ٻارن کي نصابي ڪتاب ۽ سرگرمين کانسواءِ غير نصابي سرگرميون ۽ بھترين تربيت ،مستقل مزاجي، سٺي ذھني نشونما ۽ ھنري سکيا جي پڻ ضرورت آھي.

اچو ته گڏجي ڪوشش ڪيون ته اسان جا ٻار امن سلامتي جا آداب سکي سماج لاءِ بھترين فرد ۽ ذميوار شھري ٿي سماج جي بهتري لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ٻار اسان جو قيمتي سرمايو آھن ۽ اسان جي ايندڙ نسلن جو دارومدار انھن تي آھي، جن کي سنوارڻ جي ذميواري والدين لاءِ وڏي ذميواري آھي. اوھان جي اصلاح لاء ڪجھه تجويزون ھيٺ ڏجن ٿيون،

گھر جو ماحول خوشگوار رکو.ٻارن جي تعليمي ميدان ۾ ڪاميابي لاءِ مدد ڪيو، روزاني ھوم ورڪ ڪرڻ ۾ سندن مدد ڪيو، ٻارن سان روزمره جي ڳالهين تي بحث ڪيو، مثال طور اڄ اسڪول ۾ سندن وقت ڪيئن  گذريو؟ ان سان انھن جا ذھن وسيع ٿيندا ۽ ھر ڳالهھ والدين سان ونڊڻ سکندا.گھر جا ننڍا وڏا ڪم ڪار ٻارن کي ڪرڻ ڏيو، ان سان ٻارن ۾ خود اعتمادي  پيدا ٿيندي ۽ پاڻ کي ذميوار سمجھڻ شروع ڪندو آھي.ٻارن جي حوصلا افزائي ڪيو ڀلي اھو ڪم ڪيترو ئي مشڪل ئي ڇو نه ھجي.ٻارن کي ٻڌايو ته زندگيءَ جي ھر محاذ ۾ اوھان انھن سان گڏ آھيو ۽ سندن محافظ آھيو.ٻارن ۾ مشڪل حل ڪرڻ جي سگھه پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪيو.ٻارن کي سيکاريو ته ھارائڻ شرم جوڳي ڳالهھ ناھي ڪوشش ئي سڀ ڪجھه آھي.ٻارن کي سوشل ميڊيا جا فائدا ۽ نقصان ٻئي سمجھايو ۽ جديد ٽيڪنالوجي مان فائدو وٺڻ سيکاريو ۽ ماڊرن ٽيڪنالوجي جو صحيح استعمال ڪندي ٻارن جي اصلاح ڪيو. ٻارن جي صحتمند زندگي لاءِ انھن جي ورزش، صحتمند خوراڪ ۽ مناسب ننڊ جو خيال رکو.ٻارن کي قدرتي وسيلن بابت ڄاڻ مهيا ڪيو،کين فطرت گهڻو سوچڻ ڏانھن راغب ڪندي ۽ ھو سوال ڪرڻ سکندو آھي. ٻارن ۾ مطالعي جي عادت وجھو کين آکاڻيون ٻڌايو ته جيئن ھو ڪتاب پڙھڻ ۾ دلچسپي وٺن.ٻارن سان دوستاڻو رويو اختيار ڪيو، پنھنجي ٻارن سان گڏجي دسترخوان تي ويھو،گڏجي کائڻ جي اھميت بابت ڄاڻ ڏيو، ٻارن کي صبر تحمل ۽ برداشت سيکاريو،انھن کي ٻڌايو ته جلد بازي نقصانڪار ھوندي آھي.ٻارن کي اخلاقي قدرن، مھرباني، سخاوت، ايمانداري، انصاف جھڙي خوبين بابت ٻڌايو. ٻارن سان گڏ کل ڀوڳ ڪندي صحيح ۽ غلط ۾ تعين ڪرڻ سيکاريو.ٻارن کي سمجھايو ته مشڪلاتن ۽ ناڪامي کي ڪيئن منھن ڏيڻ سيکاريو.ٻارن کي سيکاريو ته شڪست ئي ڪاميابي طرف پھريون قدم آھي.ٻارن ۾ نئين شي سکڻ جي جستجو پيدا ڪرڻ ۾ مدد ڪيو.ٻارن کي معاف ۽ درگذر ڪرڻ سيکاريو.ٻارن کي ٻين جي مدد ڪرڻ سيکاريو.ٻارن کي روزمره جي لمحن مان لطف اندوز ٿيڻ سيکاريو. پڙھڻ لاءِ ٻارن تي زبردستي نه ڪيو جو پڙھائي کان ھميشه لاءِ پري ٿي وڃن.ٻارن کي سمجھائڻ لاءِ محبت ۽ سختي جو توازن برقرار رکو.ٻارن کي ٻڌايو ته خواهش پوري ٿيڻ لاءِ محنت ڪرڻ ضروري آھي.

ٻارن کي پنھنجي محنت ۽ صلاحيتن تي يقين ڪرڻ سيکاريو.ٻارن کي وقت جي اھميت سمجھايو ھر ڪم وقت تي ڪرڻ سيکاريو ته جيئن ھو به وقت جي قدر ڪن.

اسان پاڻ ٻار کي اھا ڳالهھ ذھن نشين ڪرائي تسليم ڪرڻ تي مجبور ڪري ڇڏيندا آھيون ته هو واقعي پڙھڻ ۾ ڪمزور آھي ۽ ايئن ئي رھندو اھا ڳالهھ ٻار جي معصوم ذھن تي گھرو اثر وجھي ٿي ۽ پوءِ اھڙو ٻار اڳتي اچڻ لاءِ ڪوشش ڪرڻ بند ڪري ڇڏيندو آھي ۽ احساس ڪمتري ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي پر اتي اسين کيس اھو ڇو نٿا سمجھايون ته نمبرز گھٽ اچڻ جو مطلب آھي ته اڃا محنت جي ضرورت آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.