پرڏيهي وزارت پاڪستاني شهرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو لبنان جو سفر نه ڪن
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پرڏيهي وزارت لبنان ۾ پاڪستاني شهرين کي سڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي سفر کان پاسو ڪرڻ لاءِ هدايت جاري ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل هدايت ۾ چيو ويو آهي ته سمورن پاڪستانين کي گهرجي ته هو خطي جي تازي پيش رفت ۽ سيڪيورٽي صورتحال کي نظر ۾ رکندي هن وقت لبنان جو سفر ڪرڻ کان پاسو ڪن.
هدايت ۾ چيو ويو آهي ته لبنان کان ٻاهر وڃڻ لاءِ ڪمرشل فلائٽس ۾ سفر ڪيو وڃي ۽ لبنان ۾ رهندڙ انتهائي احتياط ڪن.