روزاني هڪ بدران 2 يا 3 صوف، کيرا، ڪيلا يا ٻيون ڪي سبزيون ۽ فروٽ کائڻ سان توهان پاڻ کي ڊاڪٽرن کان پري رکي سگهو ٿا.
خاص ڪري اهي ماڻهو جن کي هاءِ بلڊ پريشر جي ڪري گردي ۽ دل جي بيمارين جو وڌيڪ خطرو هوندو آهي. انهن لاءِ هي بهترين غذا آهي. اها ڳالهه آمريڪا ۾ ٿيل هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
يونيورسٽي آف ٽيڪساس ڊيل ميڊيڪل اسڪول جي ريسرچ ۾ شامل ماهرن جو چوڻ آهي ته هاءِ بلڊ پريشر وارن ماڻهن ۾ دل جي بيمارين ۽ گردي جي بيمارين جو خطرو تمام گهڻو وڌيڪ آهي.
خاص ڪري گوشت جسم ۾ تيزابيت وڌائي ٿو، جڏهن ته ميوا ۽ ڀاڄيون تيزابيت کي گهٽ وڌائين ٿيون.
مطالعي ۾ هاءِ بلڊ پريشر جي شڪار153 ماڻهن کي شامل ڪيو ويو جن ۾ گردن جي دائمي بيماري وڌڻ جو خطرو هو.