راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان تحريڪِ انصاف جي باني عمران خان جيل ۾ ملاقات دوران وڪيلن سان ڳالهين دوران چيو آهي ته ملڪ ۾ پي ٽي آءِ جي خلاف جاري جبر ختم ڪيو وڃي، بنگلاديش ۾ جيڪو ڪجهه ٿي رهيو آهي ان جو اهم ڪارڻ به ظلم ئي آهي.
پي ٽي آءِ باني عمران خان اڊيالا جيل ۾ ڇهن وڪلين سان ڪانفرنس روم ۾ هڪ ڪلاڪ تائين ڊگهي ملاقات ڪئي، وڪلين جي وفد ۾ انتظار پنجوٿا، زبير ڪسانا، معظم بٽ، سهيل سلطان، سمير کوسا ۽ هارون ارشاد جنجوعا شامل هئا.
ملاقات کانپوءِ اڊيالا جيل جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي ايڊووڪيٽ انتظار پنجوٿا چيو ته پي ٽي آءِ باني صوابي جلسي تي ڪارڪنن جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته 13 آگسٽ جي رات پاڪستان جا جهنڊا کڻي ٻاهر نڪرو.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ چيوته بنگلاديش ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جي پٺيان به وڏو سبب ظلم آهي.
انتظار پنجوٿا موجب، عمران خان چيو ته اٺ فيبروري واري اليڪشن کان اڳ جيترو به ظلم ٿيو ان تي ماڻهو خاموش رهيا، نوَ مئي تي جيڪو بيانيو گهڙيو ويو عوام ان جو جواب عام چونڊن ۾ ڏنو ۽ هاڻ اليڪشن ۾ ڌانڌلي تي عوام کي سخت ڪاوڙ آهي.
هن چيو ته هاڻي به وقت آهي فيصلن تي نظرثاني ڪريو، مهانگائي عوام جي معيشت ڪمزور ڪري ڇڏي آهي، بنگلاديش جون حالتون به انڪري خراب ٿيون ۽ پاڪستان تحريڪِ انصاف خلاف جبر واري پاليسي ختم ڪئي وڃي.
انتظار پنجوٿا چيو ته ڪرپشن تي پي ٽي آءِ باني جي پاليسي زيرو ٽالرنس آهي، خيبرپختونخوا ۾ ڪرپشن معاملي جي جاچ لاءِ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، علي امين گنڊاپور خيبرپختونخوا حڪومت کي بهتر انداز ۾ هلائي رهيو آهي.
You might also like