ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ 9 بنگلاديش ۾ سرڪاري نوڪرين ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف احتجاج جي قيادت ڪندڙ شاگرد اڳواڻ ناهد اسلام هن وقت ميڊيا تي ڇانيل آهي ۽ هو عبوري حڪومت جي جوڙجڪ واري معاملي ۾ نمايان نظر اچي رهيو آهي.
شاگرد تحريڪ جو اڳواڻ ناهد اسلام ڪير آهي؟
ناهد اسلام بنگلاديش ۾ تازن مظاهرن جو اڳواڻ ۽ ڪوٽا سسٽم خلاف شاگرد تحريڪ جو روح روان آهي، سندس قيادت ۾ ڪوٽا سسٽم خلاف شروع ٿيل تحريڪ وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي ڊگهي اقتدار جي خاتمي جو سبب بڻي.
بنگلاديش ۾ شاگردن جي احتجاج سبب شيخ حسينه کي نه رڳو عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻي پئي پر هو ملڪ ڇڏي ڀارت ۾ پناهه وٺڻ تي مجبور ٿي وئي.
ناهد اسلام ڍاڪا يونيورسٽي جي سوشيالوجي شعبي جو شاگرد ۽ انساني حقن جو متحرڪ ڪارڪن پڻ آهي، ان سان گڏوگڏ هو سڄي ملڪ ۾ شاگردن جي تحريڪ جي قومي سطح تي اڳواڻي ڪري رهيو آهي، ڪوٽا سسٽم خلاف تحريڪ دوران ناهد اسلام کي ٻه ڀيرا گرفتار ڪيو ويو.
ناهد 20 جولاءِ تي دعويٰ ڪئي هئي ته پوليس کيس اغوا ڪرڻ کانپوءِ تشدد جو نشانو بڻايو، جڏهن ته پوليس سندس اغوا ۽ تشدد وارو الزام رد ڪري ڇڏيو هو، ان کانسواءِ ناهد 26 جولاءِ تي به اِها دعويٰ ڪئي هئي ته کيس مقامي اسپتال مان علاج دوران ساده ڪپڙا پهريل ماڻهو گرفتار ڪري ويا هئا.
پنج آگسٽ تي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي استعيفيٰ ۽ ملڪ مان فرار ٿيڻ کانپوءِ ناهد اسلام پريس ڪانفرنس ڪندي ايندڙ 24 ڪلاڪن تائين عبوري حڪومت جي جوڙجڪ جو مطالبو ڪيو هو.
ناهد اسلام اڱاري جي صبح هڪ وڊيو پيغام ۾ چيو ته فوج جي حمايت يافته يا فوج جي قيادت ۾ ڪنهن به حڪومت کي تسليم نه ڪيو ويندو.
ناهد اسلام عبوري حڪومت جي جوڙجڪ سميت عارضي حڪومت لاءِ نگران طور نوبيل انعام يافته معاشي ماهر محمد يونس جو نالو پيش ڪيو آهي.
محمد يونس ڪير آهي؟
محمد يونس مقامي گرامين بئنڪ جو اڳوڻو مئنيجنگ ڊائريڪٽر آهي جنهن کي ملڪ ۾ غربت جي خاتمي لاءِ کنيل قدمن تي 2006 ۾ نوبيل انعام سان نوازيو ويو هو.
محمد يونس پٺتي پيل علائقن سان واسطو رکندڙ ماڻهن کي ننڍن قرضن جي فراهمي جي پروگرام ذريعي لکين ماڻهن کي غربت مان ڪڍيو هو.
You might also like