لاهور ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي صلاحڪار وقار يونس جي مقرري لاءِ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪئي وئي آهي.
شهري مشڪور حسين طرفان وڪيل نديم سرور ذريعي لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي وئي آهي جنهن ۾ وقافي حڪومت، پي سي بي ۽ وقار يونس کي ڌر بڻايو ويو آهي.
درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته وقار يونس جي صلاحڪار طور مقرري قانون جي ابتڙ آهي ڇو ته وقار يونس جي مقرري لاءِ ڪنهن اخبار ۾ اشتهار نه ڏنو ويو آهي.
شهري درخواست ۾عدالت کان وقار يونس جي پي سي بي چيئرمين جي صلاحڪار طور مقرري کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي آهي.
You might also like