ڀارت کان شيخ حسينه ۽ سندس ڀيڻ کي گرفتار ڪري بنگلاديش حوالي ڪرڻ جو مطالبو

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش جي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر اي ايم محبوب الدين خاڪان ڀارت کان اڳوڻي وزيراعطم شيخ حسينه واجد ۽ سندس ڀيڻ کي گرفتار ڪري بنگلاديش جي حوالي ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، محبوب الدين هڪ بيان ۾ چيو ته هو ڀارت جي عوام سان سٺن لاڳاپن جا خواهشمند آهن، شيخ حسينه واجد ۽ سندس ڀيڻ شيخ ريحانه فرار ٿي ڀارت ويون آهن، شيخ حسينه بنگلاديش ۾ ڪيئي ماڻهن جي موت جي ذميوار آهي انڪري ڀارت کيس گرفتار ڪري وطن بنگلاديشي ڊي پورٽ ڪري.
ان کانسواءِ هن شيخ حسينه جي حڪومت طرفان مقرر ڪيل اٽارني جنرل، اينٽي ڪرپشن اختيارين ۽ نيشنل هيومن رائٽس ڪميشن ميمبرن کان هڪ هفتي جي اندر پنهنجي عهدن تان استعيفائون ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.