نئين دهلي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي مڊل آرڊر بيٽر ڪي ايل راهول هڪ ڀيرو انڪشاف ڪيو هو ته جڏهن ڊيبيو ميچ ۾ هو ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيو ته ڀارتي اداڪارا ۽ ويرات ڪوهلي جي گهرواري انوشڪا شرما سندس ڪمري ۾ آئي هئي.
ڪي ايل راهول 2014 ۾آسٽريليا خلاف ميلبورن جي ميدان تي ٽيسٽ ڊيبيو ڪيو هو پر هو پنهنجي ڊيبيو ميچ ۾ خاص ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيو ۽ کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو هو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، اِها انوشڪا شرما ئي هئي جيڪا ساڻس گڏ بيٺي رهي.
ڪي ايل راهول موجب، ويرات ۽ انوشڪا ٻئي سندس بهترين دوست آهن ۽ وٽس مداحن ٻڌائڻ لاءِ هڪ شاندار ڪهاڻي آهي.
هن چيو ته ويرات ۽ انوشڪا کيس بري وقت مان ڪڍڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو ڇو ته جڏهن اوهان جي شروعات سٺي ناهي ٿيندي تڏهن اوهان گهڻو وکري ويندا آهيو ۽ حوصلو وڃائي ويهندا آهيو.
ڪرڪيٽر چيو ته ڊيبيو ميچ آسٽريليا ۾ هئي جيڪا اتفاق سان انوشڪا ڏسڻ آئي هئي، جڏهن مان آئوٽ ٿيس ته اداڪارا مون کي مايوس ۽ گهري سوچ ۾ ٻڏل محسوس ڪيو.
ڪي ايل راهول موجب، انوشڪا سندس ڪمري ۾ آئي ۽ چيو هوءَ مون کي اڪيلو نٿي ڇڏي سگهي، ان سان گڏوگڏ هن اِهو به چيو ته هوءَ ويرات ۽ مون کي ٻاهر ڊنر لاءِ وٺي وڃڻ چاهي ٿي.
ڀارتي بيٽر وڌيڪ چيو ته ويرات ڪوهلي کيس سمجهايو ته هي ناڪام ٿيندڙ پهريون شخص ناهي ۽ هيءَ ناڪامي کيس گهڻو ڪجهه سيکاريندي.
انٽرويو دوران ڪي ايل راهول اِهو به ٻڌايو ته هو انوشڪا ۽ ويرات جي ڪيئي ڊيٽس ۾ ساڻن گڏ هو جنهن دوران ٻئي پنهنجي لاڳاپن بابت بحث ڪندا هئا ته هو پهريون ڀيرو ڪٿي مليا، محبت ڪيئن ٿي.
You might also like