ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديش ۾ سڀ کان وڌيڪ عرصي تائين وزيراعظم رهندڙ شيخ حسينه واجد جي حڪومت جو گذريل ڏينهن سج لهي ويو،
76 سالن جي حسينه واجد بنگلاديش جي پهرين صدر شيخ مجيب الرحمان جي ڌيءَ آهي.
حسينه واجد 2009ع کان مسلسل اقتدار ۾ هئي، هوءَ هن سال جنوري ۾ چوٿين ڀيرو وزيراعظم چونڊجي وئي. پر بنگلاديش جي گذريل چونڊ عمل ۾ اپوزيشن پاران مڪمل بائيڪاٽ ڪيو ويو هو، ان کان اڳ شيخ حسينه واجد به 3 ڀيرا اپوزيشن جي اڳواڻ رهي هئي.
حسينه واجد کي دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊيل عورت اڳواڻ ٿيڻ جو اعزاز حاصل آهي.
گذريل مهيني کان جاري عوامي احتجاج کانپوءِ شيخ حسينه واجد گذريل ڏينهن پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي هئي ۽ فوجي هيلي ڪاپٽر ۾ ڀارت فرار ٿي وئي هئي.
15 سالن کان اقتدار ۾ رهندڙ شيخ حسينه ڪهڙن اثاثن جي مالڪ آهي؟
رپورٽن مطابق شيخ حسينا جي مجموعي دولت تمام گهڻي آهي، ان ڪري کيس دنيا جي طاقتور ترين عورتن ۾ شمار ڪيو وڃي ٿو.رپورٽن مطابق سندس سالياني پگهار 13 لک ٽڪن کان وڌيڪ هئي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽ موجب بنگلاديش جي اليڪشن ڪميشن ۾ جمع ڪرايل اثاثن جي تفصيل موجب شيخ حسينا 6 ڪروڙ ٽڪن کان وڌيڪ جي دولت جي مالڪ آهي.
ڀارتي ميڊيا رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته شيخ حسينه واجد وٽ 6 ايڪڙ زرعي زمين به آهي ۽ فش فارم مان حاصل ٿيندڙ آمدني مان به فائدو وٺندي آهي. ان کان علاوه هن وٽ هڪ قيمتي ڪار پڻ آهي جيڪا کيس تحفي طور ڏني وئي هئي.
ان کان علاوه ريئل اسٽيٽ ۾ به شيخ حسينه جي دولت جو وڏو حصو شامل آهي.انڊين ايسٽس ميگزين جي رپورٽ موجب شيخ حسينه بنگلاديش ۾ ڪيترين ئي ملڪيتن جي مالڪ آهي، جنهن ۾ سندس خانداني حويلي به شامل آهي.