ڍاڪا (ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش ۾ اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي حڪومت جي خاتمي کانپوءِ قومي ٽيم جي ڪپتان ۽ پارليامينٽ ميمبر شڪيب الحسن به منظر تان گم ٿي ويو .
بنگلاديش ۾ جاري سول نافرماني جي پرُتشدد تحريڪ جي حامي مظاهرين اڳوڻي وزيراعظم شيخ حسينه واجد جي ڊگهي اقتدار جي خاتمي بعد ڪجهه مظاهرين اڳوڻي ڪپتان مشرفي مرتضيٰ جي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي جڏهن ته بنگلاديشي ٽيم جي موجودا ڪپتان شڪيب الحسن منظر تان گم آهي.
ٻئي ڪرڪيٽرز شيخ حسينه واجد جي عوامي ليگ جي ٽڪيٽ تي قومي اسيمبلي جا ميمبر چونڊيا ويا هئا.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽن موجب، مشرفي مرتضيٰ پنهنجي ڪٽنب سميت مظاهرين جي حملي کان اڳ ئي محفوظ هنڌ منتقل ٿي ويو هو، پوليس طرفان قومي رانديگرن جي گهرن کي باهيون ڏيڻ کان روڪڻ جي ڪئي وئي هئي.
مڇريل ماڻهن بنگلاديشي جي ٻين شهرن ۾ به عوامي ليگ جي پارليامينٽ ميمبرن جي گهرن تي حملا ڪيا جنهن ۾ هو محفوظ رهيا .
Prev Post
You might also like