ڀارت کي ڳالهين جي آڇ، اچو گڏ ويهي ڪشمير مسئلي جو حل ڪڍون: شهباز شريف

اسلام آباد(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف ڀارت کي امن ڳالهين جي آڇ ڪندي چيو آهي ته اچو گڏ ويهي مسئلي جو حل ڪڍون ۽ امن جو رستو اختيار ڪريو، والاريل ڪشمير ۾ ڀارت جي ظالماڻن قدمن اتي جي عوام جي زندگي تباهه ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته هي اهي ظالمانه قدم آهن جيڪي گذريل 77 سالن کان لکين ۽ ڪروڙين ڪشميرين سان بار بار ڪيا پيا وڃن جيڪي والاريل ڪشمير ۾ آزادي جو حق گهرن ٿا.وزيراعظم چيو ته قائداعظم ڪشمير کي پاڪستان جي شهه رڳ قرار ڏنو آهي، ان جي ڀرپور اخلاقي حمايت جاري رکنداسين ۽ هميشه جيان ان لاءِ سمورن عالمي ادارن جا در کڙڪائيندا رهنداسين.وزيراعظم چيو ته اهو ڏينهن پري ناهي جڏهن انشاءَ الله ڪشميرين جو رت ضرور رنگ ايندو، هن چيو ته اها ڳالهه ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته ڀارت ڪڏهن به ڪشمير کي فلسطين وانگر پنهنجو حصو نه بڻائي سگهندو ۽ ڀارت ڪيترو به ظلم ڪري اسرائيل بڻجي نه سگهندو، ڀارت ۽ اسرائيل کي ان ظلم جو حساب ڏيڻو پوندو انهن ٻنهي عظيم قومن کي غير قانوني قبضن کان آزادي ضرور ملندي، هن وڌيڪ چيو ته پاڪستان ايٽمي طاقت آهي پر پاڪستان ڪڏهن به جارحيت لاءِ ايٽمي هٿيار استعمال ڪرڻ جو نه سوچيو آهي، وزيراعظم چيو ته ڀارت هوش کان ڪم وٺي، بهتر اهو آهي ته امن لاءِ رستو ڪڍي ۽ گڏ ويهي مسئلي جو حل ڪڍي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.