ڪراچي (رپورٽر )جڊيشل مجسٽريٽ سائوٿ جي عدالت ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي پاران احتجاج ڪندڙن 13جوابدارن کي ذاتي مچڪن تي آزاد ڪري ڇڏيو آهي .عدالت ۾ آرام باغ ٿاڻي جي پوليس پيش ڪيو .ان موقعي تي وڪيل جو چوڻ آهي ته جنهن ماڻهن کي گرفتار ڪيو آهي هنن جو احتجاج سان ڪابه تعلق نه آهي هنن کي مختلف علائقن مان گرفتار ڪيو ويو آهي .بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اعلان کان پوءِ آرٽس ڪائونسل کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي هئي .
-
بندوق کڻندڙن سان مقابلو ڪيو ويندو: سرفراز بگٽي
ڪوئيٽا (م ڊ) بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي چيو آهي ته بندوق کڻڻ وارن جو مقابلو ڪيو ويندو ۽ ڪنهن کي به رياست مخالف ايجنڊا جو حصو بڻجڻ نه ڏينداسين. هن چيو ته بدقسمتي سان پرامن احتجاج جي نالي تي بلوچ روايتن جي ابتڙ ڪم ڪيو پيو وڃي. سوشل ميڊيا ذريعي اهو پيغام پکيڙيو ويو ته احتجاجي تحريڪ ۾ کوڙ ماڻهو آهن پر حقيقت ان جي ابتڙ آهي. سينٽرل پوليس آفيس ڪوئٽا ۾ يوم شهدا پوليس بلوچستان جي مناسبت سان تقريب کي خطاب ڪندي هن چيو ته ماضي ۾ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي بازار گرم ڪئي وئي، لساني ۽ فرقيواراڻن بنيادن تي دهشتگردي ڪئي وئي، اها سوچ بلوچستان کي ڪمزور ڪرڻ آهي، اسان انهن کي آزاد نٿا ڇڏي سگهون
-
دشمن جهڙو ورتاءُ حالتون وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيندو: امان الله ڪنراڻي
ڪوئيٽا (پ ر) سپريم ڪورٽ بار جي اڳوڻي صدر امان الله ڪنراڻي چيو آهي ته وڏو وزير ۽ صوبائي ڪابينا هوش کان ڪم وٺي، دشمن جهڙو ورتا حالتون وڌيڪ خراب ڪري ڇڏيندو، پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو آهي ته انتهائي افسوس جي ڳالهه آهي ته هڪ صوبي جو چيف ايگزيڪيوٽو ۽ سندس ڪابينا صوبي جي عوام کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن ته هو انهن کي روڊن تي هلڻ نه ڏيندا، شڪر آهي ته سريلنڪا جيان ڪو به پرامن شهري هٿيار کڻي نه ٿو گهمي، هن چيو ته طاقت جي زبان استعمال ڪرڻ جو ڪارنامو جنرل ٽڪا خان ۽ جنرل امير عبدالله نيازي سرانجام ڏنو هو، پر ان جا نتيجا خوفناڪ نڪتا ۽ پاڪستان جي قبر کوٽي وئي آهي اڄ به بنگال ۾ طاقت جو استعمال آهي، حالتون ڪنٽرول کان ٻاهر آهن.