شيخ حسينه واجد جي حڪومت جو اونڌو ٿيل تختو ۽ بنگلاديش جي مستقبل جو سوال

بنگلاديش جي شيخ حسينه واجد جي حڪومت جو نيٺ ڪالهه تختو اونڌو ٿي ويو. وزير اعظم شيخ حسينه واجد شديد عوامي احتجاج ۽ وڳوڙن سبب حڪومت ڇڏي ڀارت فرار ٿيڻ تي مجبور ٿي وئي ۽ وزارت عظميٰ تان استيعفيٰ ڏئي ڇڏيائين. سندس خيال هو ته هوءَ قوم کي آخري خطاب ڪري پر کيس اهو آخري خطاب رڪارڊ ڪرڻ جي به اجازت نه ڏني وئي ۽ ايئن ٻن ڏهاڪن جي لاڳيتي حڪومت ختم ٿي وئي.

سوال اهو آهي ته اها نوبت ڇو آئي، معاملو ايستائين ڇو پهتو ڇا حسينه واجد ان صورت حال کي پنهنجي وسيع تجربي سان ضابطي ۾ نه پئي آڻي سگهي. ڇا حسينه واجد واقعي آمراڻي طاقت جو استعمال ڪري عوام کي چيڙائي وڌو هو ۽ معاملي کي وڳوڙي حالتن تائين پهچائي ڇڏيو هو؟

بنگلاديش ۾ جولاءِ کان هلندڙ احتجاج، ڪوٽا سسٽم جي خلاف هو. اصل ۾ 1971 ۾ جڏهن بنگلاديش، پاڪستان کان ڌار ٿيو هو ته تڏهن کان ملڪ جي سرڪاري شعبي جي نوڪرين جو ٽيون حصو آزادي جي جدوجهد ۾ مارجي ويل اڳوڻن فوجين جي اولادلاءِ  مخصوص هو جنهن کي شاگردن امتيازي عمل قرار ڏنو هو.

حسينه واجد جي موجوده پندرنهن سالن جي حڪومت لاءِ اهو تاثر قائم هو ته هن پهريون ڀيرو بنگلاديش جي معيشت کي مستحڪم ڪيو هو سندس حڪومت کان اڳ بنگلاديش غريب ترين ملڪن ۾ ڳڻيو ويندو هو، بک بدحالي عام هئي پر شيخ حسينه واجد جي ڪارڪردگي سبب جلد بنگلاديش معاشي ترقي ڪئي ۽ اڀرندڙ ايشين ٽائيگر بڻجڻ شروع ڪيو. اها ئي حسينه واجد جي حڪومت جي طاقت هئي. پر ان مضبوط معيشت باوجود چيو پيو وڃي ته بنگلاديش اندر بيروزگاري جو تناسب ويڪري کان ويڪرو ۽ ڊگهي کا ڊگهو ٿيندو ٿو وڃي. نوجوانن اندر ان ڊگهي بيروزگاري واري بي چينيءَ ڪوٽا سسٽم جي اشو کي کنيو. اهو اشو جيتوڻيڪ شاگردن اٿاريو ۽ يونيورسٽي مان اٿيو پر جئين جئين حڪومت شاگردن جي پر امن احتجاجن تي سختي ڪئي. تيئن تيئن اها ڇڪتاڻ وڌندي وئي، احتجاج شديد کان شديد ٿيندو ويو نيٺ اهو وڳوڙ جي نذر ٿي ويو. پهريون ته اهو احتجاج پرامن هو پر جڏهن ان تي سختي شروع ٿي ته زندگي سان تعلق رکندڙ ٻين شعبن جي ماڻهن ۽ حسينه واجد جي حڪومت جي مخالفن به ان ۾ حصو وٺڻ شروع ڪيو.

عام طور تي حڪومت تي الزام آهي ته  حسينه واجد جي آمراڻي طريقي حالتن کي خراب ڪيو آ جڏهن ته حڪومت جو چوڻ آهي ته اهو الزام هو.ان ڪا سختي ناهي ڪئي. سندس حڪومت خلاف اهو محاذ کڙو ڪرڻ هڪ سامراجي سازش آهي جنهن ۾ بنگلاديش جي اقليت کي شامل ڪيو ويو. جيستائين شيخ حسينه واجد جي فرار ٿيڻ جو تعلق آهي ته سندس پٽ جو چوڻ آهي ته اسان جي خاندان کيس مجبور ڪيو ته موجوده حالتن ۾ سندس ملڪ مان نڪري وڃڻ ئي بهتر آهي مٿس خانداني دٻاءُ هو. هن اهو به چيو ته منهنجي ماءُ سخت مايوسي جو شڪار آهي ۽ هاڻي هوءَ سياست نه ڪندي.

بهرحال ڪجهه به هجي حسينه واجد جي عوامي ليگ جي حڪومت پنهنجي پڄاڻي تي پهتي آهي ۽ بنگلاديش ۾ فوج حڪومتي نطام کي سنڀالي ورتو آهي.  هاڻي اڳتي ڇا ٿيندو ، بنگلاديش ۽ اتان جي عوام جو مستقبل ڪهڙو ٿيندو.بنگلاديش ۾ عوامي ليگ جي حڪومت جو خاتمو بنگلاديش جي حق ۾ آهي يا نه اهو ته وقت ٻڌائيندو پر تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته حسينه واجد جي حڪومت جي خاتمي سان ان ملڪ ۾ آمريڪا جو اثر رسوخ وڌي ويندو، بنگلاديش جي ملٽري بيورو ڪيسي اتان جي جماعت اسلامي کي وري اقتدار ۾ شامل ڪندي ۽ جنهن سان بنگلاديش ۾ مذهبي انتها پسندي وڌي ويندي ۽ فوجي اسٽيبلشمنٽ بنگلاديش جي معيشت کي آءِ ايم ايف جو محتاج بڻائيندي.

هاڻي اهو به سوال پيدا ٿئي ٿو ته  ڇا بنگلا ديش جي معاشي ترقي برقرار رهي سگهندي، بظاهرمستقبل اونداهو نظر رهيو آهي. حسينه واجد جي حامي حلقن جو چوڻ آهي ته حسينه واجد جي حڪومت جو ايترو ڏوهه نه هو جيترو سندس سامراج حامي  سياسي مخالفن جو آهي. ڪوٽا سسٽم توڙي بيروزگاري جي اشو کي به ڄاڻي واڻي اڀاريو ويو آهي جنهن سان بنگلاديش ۽ ان جي عوام ئي کي نقصان رسندو. حڪومت ڪوٽا سسٽم جي معاملي کي ڪافي حد تائين حل ڪري ڇڏيو هو پر سازشين کي هر ممڪن طريقي سان حڪومت ڪيرائڻي هئي.

اهو وري به بهتر ٿئي ها جيڪڏهن حسينه واجد قوم کي آخري خطاب ڪري ها ته سندس موقف وڌيڪ چٽو ٿي آڏو اچي ها. سندس حڪومت ڪيرائڻ ۾ ڪهڙين طاقتن جو هٿ هو تنهن جي به خبر پئجي وڃي ها. پر فوجي اسٽيبلشمينٽ اهو سڀ کيس ڪرڻ نه ڏنو. اهو به شڪر جو هُوءَ زندهه آهي ۽ ڀارت هلي وئي آهي. سندس زندهه هئڻ هڪ اميد آهي ۽ ممڪن آهي ته هي ايڊيٽوريل ڇپجڻ تائين ان پنهنجي حڪومت جو تختو اونڌو ڪرڻ بابت ڪو ردعمل به ظاهر ڪيو هجي.

بهرحال جيڪو ڪجهه ٿيو آهي تنهن کي اسان بنگلاديش ۽ اتان جي عوام جي بهتري ۾ نه ٿا سمجهون. بنگلاديش ۾ فوج جو اقتدار سنڀالڻ ڪنهن ريت به سٺو عمل ناهي. اميد ته فوج حالتن کي ڪنٽرول ۾ ڪري جلد نيون چونڊون ڪرائي صاف شفاف جمهوري نظام بحال ڪرائيندي جنهن ۾ ئي بنگلاديش ۽ اتان جي عوام جي ڀلائي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.