سيري(رپورٽ: ڪرشن راٺوڙ) سيري لڳ انصاري فارم وٽ ظالم زميندار هٿان راند کيڏندي قتل ڪيل 9 ورهين جي معصوم نينگر طاھر ملاح جي وارثن سان مختلف، سياسي، سماجي اڳواڻن ۽ وڪيلن تڏي تي پهچي تعزيت ڪئي، جڏهن ته 3 ڏينهن گذرڻ باوجود پوليس مک جوابدار زميندار آغا زبير پٺاڻ کي گرفتار نه ڪري سگهي ۽ جوابدار آساني سان گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي ويو، پوليس وارثن کي جوابدار جي گرفتاري جا رڳو دلاسا ڏيڻ تائين محدود رهي آهي، معصوم نينگر جي بيرحماڻي قتل جو ايس ايس پي، ڊي آءِ جي يا آءِ جي سنڌ ڪو نوٽيس وٺي قاتل جي گرفتاري جي لاءِ ڪارروايون ڪرڻ جو حڪم نه ڏنو، 3 ڏينهن گذرڻ باوجود حيدرآباد جو ايس ايس پي معصوم نينگر جي تڏي تي ناهي پهتو، وارثن پوليس جي جاچ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪندي قاتل زميندار کي گرفتار نه ڪرڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي، وارثن توڙي سياسي سماجي اڳواڻن خدشو ظاهر ڪيو آهي ته ٻين ڪيترن ئي واقعن جيان هن قتل واري واقعي ۾ پوليس قاتل کي آساني ڏيندي کيس گرفتاري کان اڳ ضمانت ڪرائڻ جو موقعو فراهم ڪيو آهي، جنهن سان قاتل آزاد گهمي پنهنجي جان آجي ڪرائڻ جي لاءِ ڪوششون وٺندو، سياسي اثر رسوخ استعمال ڪندي طاقتور ڌرين جي ذريعي رستو ٺاهيندو. ان سلسلي مقتول نينگر طاهر ملاح جي امڙ بيگم عرف بيگو ملاح ۽ ٻين سان تعزيت ڪندي يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻ سنڌو نواز گهانگهرو، رواداري تحريڪ جي اڳواڻ پنهل ساريو، جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورهيه سنڌي ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته حيدرآباد پوليس معصوم نينگر جي بيرحماڻي قتل تي خاموش تماشائي بڻيل آهي، 3 ڏينهن گذرڻ باوجود جوابدار آغا زبير پٺاڻ گرفتار نه ٿي سگهيو ۽ نيٺ جوابدار گرفتاري کان اڳ واري ضمانت ڪرائي ورتي، پوليس جي عدم دلچسپي ۽ ناقص جاچ جي طريقيڪار جي ذريعي قاتل کي وڏو رليف ملي ويو، سنڌ ۾ ڪيترائي اهڙا ڪيس ٿيا آهن جنهن ۾ قاتل بروقت گرفتار نٿا ٿين ۽ ڪجهه ڏينهن کانپوءِ اهي قاتل ضمانتون ڪرائي وٺن ٿا، هن واقعي ۾ به جيڪڏهن پوليس بروقت ڪارروائي ڪري جوابدار کي گرفتار ڪري وٺي ها ته اڄ جوابدار آزاد نه گهمندو وتي ها، جوابدار بااثر آهي جيڪو پنهنجو پاڻ کي بچائڻ جي لاءِ سياسي اثر رسوخ سان گڏ ٻيا طور طريقا به استعمال ڪندو، هر ان ڪيس ۾ پوليس روايتي سستي ۽ نااهلي جو مظاهرو ڪندي آهي جنهن ۾ جوابدار بااثر هوندو آهي. هنن چيو ته پوليس پنهنجو رويو درست ڪري ۽ معصوم جي قتل ۾ ملوث جوابدار ظالم زميندار کي گرفتار ڪري، پوليس قاتل کي گرفتار نه ڪيو ته اسان وارثن سان گڏ احتجاج ڪنداسين.
-
عوام غريبن جو ڀرجھلو ٿي قاتل گرفتار ڪرائي: ڪاشف شورو
سيري: معصوم نينگر طاهر ملاح جي تعزيت لاءِ تڏي تي حيدرآباد جو ميئر ڪاشف شورو، فيصل جبار خان، اڳوڻو يوسي ناظم پير عبدالرشيد جان سرھندي، يوسي چيئرمين منور بروھي، يوسي چيئرمين حق نواز ميرجت، ايڊووڪيٽ آغا نادر شاھه، ايڊووڪيٽ ھارون جتوئي، ايڊوڪيٽ احمد دل، اڳوڻو ضلعي ڪائونسل ميمبر رئيس علي نواز رند ۽ ٻيا پهتا. ان موقعي تي ميئر ڪاشف شوري ايس ايس پي حيدرآباد سان فون تي قتل ڪيس بابت معلومات ورتي ۽ ايس ايس پي کي جلد قاتل کي گرفتار ڪرڻ جو چيو. ڪاشف شوري چيو ته اسان ھر وقت مقتول نينگر جي وارثن سان گڏ آھيون، ھنن سان وڏو ظلم ٿيو آهي، اسان ٻين چونڊيل نمائندن کي به چئون ٿا ته اھي به ھنن غريبن سان ڀرجھلا ٿين، قاتل کي گرفتار ڪري ڪيفر ڪردار تائين پھچايو وڃي. ان موقعي تي جي يو آئي اڳواڻ حافظ سعيد احمد ٽالپر چيو ته اسان قانوني مدد سان گڏ ھر مدد ڪرڻ لاءِ تيار آھيون، ايڊو ايڊووڪيٽ آغا نادر شاھه چيو ته ھي معصوم ٻار جو قتل ناھي، ھي انسانيت جو قتل آهي، ڪشور لال، حمز علي چانڊيو، جسقم اڳواڻ لياقت ملاح ۽ ٻين چيو ته اسان معصوم نينگر جي قتل جي مذمت ڪيون ٿا ۽ ايس ايس پي حيدرآباد کان مطالبو ٿا ڪريون ته معصوم نينگر جي قاتل آغا زبير پٺاڻ کي جلد گرفتار ڪري.
-
قاتل آغا زبير جي ضمانت رد ڪرائڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪنداسين: ايس ايس پي ڊاڪٽر فرخ
حيدرآباد(رپورٽر) پوليس سيري جي انصاري فارم وٽ قتل ڪيل معصوم نينگر طاهر ملاح جي قاتل کي گرفتار نه ڪرڻ جو نيٺ سبب ٻڌائي ڇڏيو، پوليس موجب جوابدار آغا زبير پٺاڻ ڪراچي مان 5 ڏينهن لاءِ گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ڪرائي ورتي آهي. ايس ايس پي حيدرآباد ڊاڪٽر فرخ جو چوڻ آهي ته مک جوابدار آغا زبير جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ٿي چڪي آهي، جوابدار زبير پٺاڻ قانوني رستو اختيار ڪيو آهي، اسان کي جاچ ڪرڻي آهي، ضمانت رد ڪرائڻ جي لاءِ عدالت ۾ درخواست داخل ڪنداسين.، سيري چيڪ پوسٽ جي انچارج ارسلان چنا جو چوڻ آهي ته جوابدار جي ڪراچي مان 5 ڏينهن جي گرفتاري کان اڳ واري ضمانت منظور ٿي آهي، اسان کي اڃا تائين ڪو ليٽر ناهي مليو پر ضمانت جو اطلاع مليو چڪو آهي. هوڏانهن 3 ڏينهن اڳ قتل واري واقعي بعد پوليس سيري پوليس پاران زميندار آغا زبير پٺاڻ جي گرفتار ڪيل ڪمدار محمود عرف نانو ملاح کي رمانڊ جي لاءِ سيونٿ سول اينڊ جڊيشل مئجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو، پوليس جوابدار جي رمانڊ جي درخواست ڪئي جنهن تي عدالت جوابدار محمود عرف نانو ملاح کي ٽن ڏينهن جي جسماني رمانڊ تي سيري پوليس حوالي ڪري ڇڏيو.