ملڪ ۾ ڪمزور گورننس، قومي حڪومت جي افواهن کي هٿي ملي وئي؟

اسلام آباد (م ڊ) ملڪ ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر قومي حڪومت ٺهڻ جو بحث شروع ٿي ويو آهي. ڪالم نگارن تجزئي نگارن، سياستدانن يا ٽيڪنوڪريٽ، واپارين يا ٻه نمبري سان اميرن جي لسٽ ۾ شامل سڀئي قومي حڪومت ٺاهڻ لاءِ هڪ آواز آهي. 8 فيبروري 2024ع جي عام چونڊن کان اڳ ملڪ ۾ موجود عدم اطمينان، انتشار، بي يقيني، افراتفري، پوئتي پيل معيشت، مهانگائي، ڪرپشن، ڪمزور گورننس، جرئتمند فيصلن جو فقدان، اقربا پروري، فضول خرچيءَ گهٽجڻ بدران وڌي وئي آهي. وزيراعظم شهباز شريف پاران ملڪ جي معيشت کي پيرن تي بيهارڻ، لوڊشيڊنگ، بيروزگاري ختم ڪرڻ، ڪشتو ٽوڙڻ، سڀني سان گڏ هلڻ جو واعدو ۽ مخالفن کي جشن ملهائڻ جون دعوائون رڳو ڳالهيون آهن. شهباز شريف ئي وزيراعظم آهي جيڪو صبح سوير ڪم شروع ڪري ٿو. پر ان جي باوجود 5 مهينن ۾ عوام اوندهه مان نڪرڻ بدران اوندهه ۾ غرق ٿي رهيو آهي، صورتحال تيزي سان خراب کان بدتر طرف وڃي رهي آهي. وزير اعظم هجي يا وزير، سڀ عمران فوبيا ۾ مبتلا آهن، ڊجيٽل ميڊيا تي سرڪاري ۽ خانگي ٽيمن جي گهڻائي باوجود پي ٽي آءِ جي موقف  کي ٽوڙي  نه سگهيا آهن، جنهن جو کين قومي حڪومت يا ڪنهن ٻئي نظام جي صورت ۾ سنگين نقصان ڀوڳڻو پوندو. هڪ يا ٻن کان سواءِ سڀ وزارتون اڳ کان وڌيڪ خراب آهن. عمران خان وانگر شهباز شريف جي موجوده ٽيم ۾ به ٽي 20 ۽ ٽيسٽ لاءِ ڪيترائي ٽيڪنوڪريٽ آهن، اسان اڳتي وڌڻ بدران مسلسل پوئتي وڃي رهيا آهيون. امير وڌيڪ امير ٿيندو پيو وڃي ۽ غريب غريب ٿيندو پيو وڃي. جڏهن ته ملڪي سياست ۽ اسٽيبلشمينٽ تي گهري نظر رکندڙ تجزيه نگار سهيل وڙائچ به ملڪي مسئلن جي حل کي قومي حڪومت جي قيام سان ڳنڍيو آهي. قومي حڪومت جي ضرورت اڻٽر بڻائي وئي آهي جو ڪو به پنهنجي جاءِ تان هٽڻ لاءِ تيار ناهي، تنهن ڪري اڳتي وڌڻ جو ڪو به بهتر رستو نه آهي.

اسلام آباد/لاهور(عمران شفقت+امداد سومرو+مبشر لقمان)وفاقي سرڪار مفلوج بڻيل آهي،شهبازشريف جي حڪومت مهمان آهي؟ فيبروري ۾ نين چونڊن جو شوشو،عمران خان جي حڪومت ختم ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان سياسي عدم استحڪام جو شڪار آهي يا شڪار بڻايو ويو آهي، ادارن ۽ عدليه ۾ ويٺل ڪجهه عنصرن جو به ڪردار آهي جيڪي عمران خان لاءِ سهولتڪاري جو ڪردار ادا ڪري رهيا آهن،هفتو ڏيڍ اڳ وزيراعظم ايف بي آر آفيسرن جي اجلاس ۾ سڌارا نه  ٿيڻ تي استعيفيٰ جي جيڪا ڌمڪي ڏني هئي اها ”چئو ڌيءُ کي سکي ننهن“ وارو مثال هئي،اسٽيبلشمينٽ موجوده حڪومت ۽ نگران حڪومت جي ڪارڪردگي جي ڀيٽ ڪئي آهي،جنهن ۾ نتيجو اهو نڪتو ته انوارالحق ڪاڪڙ جي حڪومت وڏي ڪارگر ثابت ٿي،اسٽيبلشمينٽ جا فيصلا سازي شهبازشريف مان جيڪو چاهين ٿا اهو کين نه پيو ملي،ذريعن جو چوڻ آهي ته شهبازشريف ۾ فيصلاسازي جي قوت ناهي،ان ڳالهه ۾ اهو دليل ڏنو پيو وڃي ته ڪو به وڏو فيصلو هوندو آهي ته شهبازشريف اهو سمجهندو آهي ته اهو فيصلو اسٽيبلشمينٽ کي ڪرڻو آهي ۽ اسٽيبلشمينٽ اهو سمجهندي آهي ته اهو فيصلو حڪومت وٽان ٿيندو،ٻيو ته مسلم ليگ ن جا اندريان معاملا به ٺيڪ ناهن،ٻئي پاسي عمران خان جيل ۾ ويهي اهو تاثر ويهاري ڇڏيو آهي ته مون کان بغير ملڪ نٿو هلي سگهي،اهو تاثر ختم ڪرڻ سياسي پارٽين جو ڪم آهي،حڪومت جي بدحواسي جو اهو عالم آهي ته هڪ ميٽنگ ۾ جنهن ۾ نوازشريف،وزيراعظم شهبازشريف به ويٺل هئا ان ۾ نوازشريف اوچتو چيو ته ”هي ڇا ٿي رهيو آهي،حڪومت ڇا ڪري رهي آهي“ ٻئي پاسي پاڪستان پيپلزپارٽي ۾ به ٻه مختلف سوچون گردش ڪري رهيون آهن، بلاول جي الڳ راءِ صدر آصف زرداري جي حڪومتي سيٽ اپ بابت الڳ راءِ آهي،آصف زرداري جو موقف آهي ته حڪومت کي 5 سال پورا ڪرڻا آهن،جڏهن ته بلاول بابت اطلاع آهن ته هو ٻاهرين ملڪ ويٺل آهي ۽ ناراض به آهي،هن وقت پلان اي هلي رهيو آهي جنهن تحت حڪومت ذريعي عدليه،سياسي جماعتن ۽ ميڊيا ۾ ويٺل ”فتنتن“ کي منهن ڏئي ملڪ هلائڻو آهي،پلان بي جا تفصيل اڃا ظاهر نه ٿيا آهن ۽ قومي حڪومت جو خيال پلان سي آهي،قومي حڪومت بابت هڪ ناليواري صحافي موجب اتحادي قومي حڪومت ۾ تحريڪ انصاف کي به شامل ڪيو ويندو، جنهن سان سياسي ڇڪتاڻ ختم ٿي ويندي، سياسي جماعتون پنهنجا بهترين ماڻهو نئين ڪابينا ۾ موڪلينديون،انهن جو ڪارڪردگي ۾ پاڻ ۾ مقابلو ٿيندو، ان سان اسٽيبلشمينٽ ۽ عدليه وچ ۾ ڇڪتاڻ جا سبب به ختم ٿي ويندا، ٻئي پاسي عمران خان اسٽيبلشمينٽ کان مشروط معافي تي راضپو ظاهر ڪري ڇڏيو آهي

  1. پ پ اسيمبليون ٽوڙڻ جو مشورو ڏئي ڇڏيو

اسلام آباد (بيورو+م ڊ )  پيپلز پارٽي پارليامينٽريز جي سيڪريٽري جنرل نيئر حسين بخاري چيو آهي ته جيڪڏهن حڪومت کي خطرو آهي ته وزيراعظم صدر کي ايڊوائس ڪري ۽ اسيمبلي ٽوڙي نئين چونڊن جو اعلان ڪري. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي نيئر حسين بخاري چيو ته حڪومت کي خطرو آهي ته اسان سان شيئر ڇو نٿو ڪيو وڃي. پارليامينٽ ۾ حڪومت کي مضبوط ڪرڻ جي  لاءِ تيار آهيون پر هي ڪجهه ٻڌائين ته صحيح. حڪومت کي خطرو آهي ته وزيراعظم صدر کي ايڊوائيز ڪري ۽ اسيمبليون ٽوڙي نيون چونڊون ڪرائي. پ پ اڳواڻ چيو ته صدر آصف علي زرداري ڪيترائي ڀيرا چئي چڪو آهي ته ويهي ڳالهيون ڪريو، صدر زرداري ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو پر ڪير به ويهڻ جي لاءِ تيار نه آهي. پيپلز پارٽي آئيني بالادستي تي يقين رکي ٿي حل به آئين موجب نڪرندو پر جيڪڏهن سسٽم ڊي سيل ٿي ويو ته ان سان نقصان ملڪ جو ٿيندو.

  1. اسٽيبلشمينٽ جي حڪومت کي ٻيهر خاطري

اسلام آباد(منيب فاروق) وفاقي سرڪار کي طاقتور حلقن ٻيهر خاطري ڪرائي آهي ته نه عمران خان سان ڳالهيون ٿي رهيون آهن، نه ئي هن سان ڪير ڳالهائڻ لاءِ تيار آهي نه پي ٽي آءِ کي حڪومتي اسپيس فراهم ڪيو ويندو،پ پ گهڻن معاملن ۾ حڪومت سان گڏ آهي به ۽ نه به آهي،ان جا اليڪشن کان اڳ  حڪمران جماعت سان اختلاف آهن، هن وقت حڪومت کي سڀ کان وڌيڪ ڳڻتي معيشت جي آهي ۽ ٻي ڳڻتي اها آهي ته ڪٿي اسٽيبلشمينٽ جا عمران خان سان معاملا ٺيڪ ته نه ٿي ويندا؟ کين اهو ڊپ آهي ته ڪيڏي مهل به سندن موڪل ٿي سگهي ٿي،پر حڪومت کي ٻيهر حمايت جي خاطري ڏيڻ سان گڏ اهو چيو ويو آهي ته توهان تڪڙا سڌارا آڻيو،عوام کي رليف ڏيو،باقي جيستائين سپريم ڪورٽ فيصلي جي ڳالهه آهي ته ادارا پنهنجو ڪم ڪندا، اليڪشن ڪميشن ۽ پارليامينٽ پنهنجو ڪم ڪندي،اليڪشن ڪميشن اکيون بند ڪري فيصلي تي عمل نه ڪندي

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.