عوامي مسئلا ترجيحي بنيادن تي حل ٿيڻ گهرجن

تحرير: زينت احمد

پاڪستان سياسي ڇڪتاڻ ۾ رهڻ وارا ليڊر عام ماڻهو جي تڪليف ۽ اهنجن کان ائين لاتعلق ۽ بي خبر هوندا آهن، ڄڻ ملڪ ڪي مسلا موجود ئي ناهن، تڏهن ئي روز مره جي شين جي اگهن ۾ واڌ کين نظر ئي نٿي اچي گيس بجلي جا بل اصل ماڻهن کي پيڙهي رکيو آهي.ٻئي طرف وري سنڌ توڙي پوري پاڪستان ۾ فرقه وار فسادن ۾ پڻ اضافو ٿي ويو آهي، جن ۾ انساني جانين جو زيان ٿي رهيو آهي  ماڻهو معاشي مسئلن جو ايترو شڪار ٿي ويا آهن جو مهانگائي انهن جي چيلهه ئي چٻي ڪري وڌي آهي

هڪ ماڻهو جنهن جي پگهار ئي  ٽيهھ هزار آهي،  اهو چاليهه هزار بل ڪٿان ڀريندو اهو  اٽو ڪٿان وٺندو اهو ٻين ضرورتن جو پورائو ڪري يا وري بل ڀري جڏهن ان کي نٿو سمجهھ ۾ اچي ته پاڻ کي ماري پنهجو انت ٿو آڻي ڇڏي ان معاشري۾ جيئن کان مرڻ کي  سمجهڻ لڳندو آهي. ان قسم جا واقعا روز اسان جي سامهون آهن پر اسان جي حڪومت کي ڪا ڪل ڪانهي اسان جو نظام ئي ڪجهه ان طرح جو آهي جو عوام جو آواز ته ڪير ٻڌڻ وارو ئي نه آهي نه ئي ان تي ڪنهن  جي نظر ئي ٿي پوي.

جي ڪنهن کان پڇ ته چوندا آهن. ته ملڪ جو اڌ پئسو بجلي ٺاهن وارين ڪمپنين کي ڏنو ٿو وڃي جيڪا بجلي ته ٺاهي ڪانه ٿي پر فنڊ پورا کڻي ٿي، اسان جي ملڪ ۾ هر باشعور ماڻهو پاڻ پنهجو قانون بڻجي ويو آهي جتي سزا به. تجويز ٿئي ٿي ائين آزاد  پاڻ ئي ٿا ڪن. اها صورتحال ڪيستائين رهندي اسان مسئلن مان ڪڏهن آجا ٿينداسين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.