اڪثرڪجهه ماڻهو رات جو اگهور ننڊ مان هڪ خاص وقت تي ڇو جاڳيندا آهن ؟

اڌ رات جو جاڳڻ ڪا غير معمولي ڳالهه ناهي، اڪثر ماڻهو رات ۾ ڪيترائي ڀيرا جاڳندا آهن پر انهن کي وجه خبر نه هوندي آهي ۽ هو فورن ئي واپس سمجهي پوندا آهن.

سادي لفظن ۾ چئجي ته اهي ننڊ مان صرف چند سيڪنڊن لاءِ سجاڳ ٿيندا آهن، پر ڪجهه ماڻهو گهڻو وقت تائين جاڳندا رهندا آهن ۽ ڪيترن کي ته سمهڻ ۾ به ڏکيائي محسوس ٿيندي آهي.

ڇا توهان اڪثر اڌ رات کان پوءِ ڪنهن خاص وقت تي اگهور ننڊ مان جاڳندا آهيو؟ يا سمهڻ ۾ مشڪل محسوس ڪندا آهيو؟

جيڪڏهن ها ته ان جا سبب به ڄاڻو.

جيڪڏهن توهان ڪڏهن ڪڏهن رات جي ڪنهن خاص وقت تي جاڳندا پوندا آهيو ته اها پريشاني جي نشاني ناهي، پر جيڪڏهن اهو اڪثر ٿئي ٿو ته اها ضرور بي خوابي جي نشاني آهي ۽ توهان ڪنهن دٻاءُ جا شڪار آهيو.

 

 دٻاءُ

جڏهن اسان دٻاءُ جو شڪار ٿيندا آهيون ته اسان جو جسم هڪ نروس سسٽم کي چالو ڪري ڇڏيندو آهي جيڪو اوچتو جھٽڪو ڏيڻ ۽ ننڊ جي دوران اکيون کلڻ جو سبب بڻجندو آهي.

ان سان گڏوگڏ دل جي ڌڙڪڻ وڌي ويندي آهي ۽ بلڊ پريشر به تڪڙ ۾ ڪنٽرول نه ٿيندو آهي، جنهن سبب انسان کي ٻيهر سمجهڻ ۾ ڏکيائي پيش ايندي آهي.

ڪنهن شيءِ بابت فڪرمند ٿيڻ يا پريشاني دٻاءُ جي سطح کي وڌائي ٿي، جڏهن ته روزمره جي زندگيءَ جا مسئلا جهڙوڪ ڪم، رشتا، صحت يا مالي مسئلا پڻ دٻاءُ وڌائين ٿا.

 

بي خوابي

 

بي خوابي ننڊ جي سڀ کان عام خرابي آهي جيڪا جاڳڻ کان پوءِ ننڊ ۾ واپس وڃڻ ڏکيو بڻائي ٿي.

سڄي دنيا ۾ ڪروڙين ماڻهو هن خرابي کي منهن ڏئي رهيا آهن.

 

عمر ۾ اضافو

عمر ۾ اضافو به ننڊ کي متاثر ڪري ٿي.

جڏهن اسان جي عمر ۾ اضافو ٿيندو آهي ته ننڊ جا چار ئي مرحلا به تبديل ٿي ويندا آهن ۽ اڪثر اگهور ننڊ پئجي وڃڻ جو وقت به گهٽجي ويندو آهي. جنهن سبب اڌ رات جو ڪنهن مخصوص وقت تي جاڳڻ جا امڪان به وڌي ويندا آهن.

 

دوائون جو استعمال

مختلف دوائن جي استعمال سبب به ان مسئلي جو خطرو وڌي ويندو آهي،

آرام واريون دوائون، ڪنگ زڪام واريون دوائون،  بيٽا بلاڪرز ۽ ٻين شين جو استعمال ڪندڙ اڪثر ماڻهو اڌ رات جو جاڳندا آهن ۽ انهن کي ٻيهر سمهڻ ۾ ڏکيائي محسوس ٿيندي آهي.

 

ڊپريشن

ڊپريشن جو مزاج تي منفي اثر پوي ٿو، ۽ ان جي علاج لاءِ استعمال ٿيندڙ دوائون بي خوابي جو خطرو وڌائين ٿيون.

 

سيني ۾ ساڙو

معدي ۾ تيزابيت جي ڪري سيني ۾ ساڙي جو احساس پيدا ٿئي ٿو ۽ رات جو سمهڻ مهل جڏهن اهو مسئلو وڌي وڃي ٿو ته اوچتو ئي مخصوص وقت تي اکيون کُلي وينديون آهن ۽ ننڊ خراب ٿي ويندي آهي.

۽ ڪجھ ٻيا سبب

سمهڻ کان ٿورو اڳ کاڌو کائڻ، رات جي ماني ۾ تمام گهڻو مرچ کائڻ، سگريٽ نوشي، ڏينهن ۾ گهڻي دير ننڊ ڪرڻ، ورزش کان پاسو ڪرڻ ۽ شراب جو استعمال به خوابي جو سبب بڻجي سگهي ٿو .

 

نوٹ: پڙهندڙ ان سلسلي ۾ پنهنجي ڊاڪٽر سان صلاح وٺي سگهن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.