جشن آزادي شاندار انداز ۾ ملهائڻ جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي حڪومت يوم آزادي شاندار انداز ۾ ملهائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.

ذريعن موجب، وزيراعظم شهباز شريف 14 آگسٽ جي پروگرامن جي تيارين لاءِ 10 رڪني ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي، ڪميٽي جي سربراهي رٿابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال ڪندو.

ڪميٽي ۾ پيٽروليم وارو وزير مصدق ملڪ، اطلاعات وارو وزير عطاءُ الله تارڙ، ڪوآرڊينيٽر رانا مشهود ۽ ٻيا شامل آهن.

ڪميٽي کي 14 آگسٽ واري پروگرام جي تيارين بابت ٽن ڏينهن ۾ سفارشون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، ڪميٽي وزيراعظم جي تقرير، پيغامن ۽ ٻين واقعن جي معاملن کي حتمي شڪل ڏيندي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.