اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ سينيٽر عرفان صديقي چيو آهي ته مخصوص سيٽن تي سپريم ڪورٽ جو اڪثريتي فيصلو آئين جي خلاف ۽ تڪراري آهي.
هڪ بيان ۾ سينيٽر عرفان صديقي چيو ته ٻن ججن جي اختلافي نوٽ، بار ڪائونسل جي قرارداد ۽ آئيني ماهرن جي راءِ کي گڏ ڪرڻ گهرجي.
هن وڌيڪ چيو ته ان کي پشاور هاءِ ڪورٽ جي پنج رڪني بينچ جي متفقه فيصلي سان ڀيٽڻ گهرجي. 12 جولاءِ تي 8 ججن جيڪو فيصلو ڏنو اهو آئين ۽ قانون جي شقن جي خلاف آهي.