سول نافرماني تحريڪ: بنگلاديشي وزيراعظم شاگردن کي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو

ڍاڪا ( ويب ڊيسڪ ) بنگلاديش جي وزيراعظم شيخ حسينه واجد سول نافرماني واري تحريڪ شروع ڪندڙ شاگردن کي دهشتگرد قرار ڏئي ڇڏيو.
بنگلاديش ۾ شاگرد پنهنجي گرفتار ساٿين جي آزادي ۽ ٻين مطالبن جي مڃتا لاءِ حڪومت کي الٽيميٽم ڏنو هو، پر حڪومت طرفان سندن مطالبا پورا نه ٿيڻ تي شاگردن گذريل ڏينهن سڄي ملڪ ۾ سول نافرماني جي تحريڪ شروع ڪرڻ جو اعلان ڪندي وزيراعظم شيخ حسينه واجد کان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي.
آچر جي ڏينهن بنگلاديش جي مختلف شهرن ۾ ٿيل احتجاجي مظاهرن ۾ پوليس سان چڪرين دوران گهٽ ۾ گهٽ ٻارنهن ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن.
شاگردن جي احتجاج سبب حڪومت طرفان سڄي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اڄ شام کان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪرفيو لاڳو ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ان معاملي تي بنگلاديشي وزيراعظم شيخ حسينه واجد پنهنجي بيان ۾ چيو ته روڊن تي احتجاج ڪندڙ شاگرد نه دهشتگرد آهن جيڪي ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.