مهانگي بجلي جو مسئلو ڌرڻن سان حل نه ٿيندو: احسن اقبال

لاهور(ويب ڊيسڪ) منصوبابندي واري وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته مهانگي بجلي جو مسئلو ڌرڻن سان حل نه ٿيندو، ان جو واحد حل  معاشي ترقي ۽ سياسي استحڪام آهي، لاهور ايڪسپو سينٽر ۾ ٽيڪسٽائيل نمائش جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته معيشت جي بحالي لاءِ آءِ ايم ايف جي ڪڙي گوري کي ٽن سالن تائين برداشت ڪرڻو پوندو، وفاقي وزير چيو ته جڏهن ڪو به سيٺ ملڪ ۾ پئسو لڳائڻ لاءِ تيار نه هو، تڏهن چين اسان جي مدد ڪئي، هاڻي سي پيڪ 2 جون ڳالهيون شروع ٿيون آهن ته هڪ ڀيرو ٻيهر ڏڦيڙ پکيڙيو پيو وڃي.احسن اقبال چيو ته جن وٽ مهانگي بجلي جو حل آهي اهي پنهنجا ماهر آڻين ۽ ويهي حل ڳولين.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.