فيصل آباد ( ويب ڊيسڪ ) سڌ سماءُ وارو وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته مخصوص سيٽن بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن اختلافي نوٽ ۾ اهم نڪتا اُٿاريا آهن جنهن جو جواب اچڻ انتهائي ضروري آهي.
فيصل آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته مخصوص سيٽن جي فيصلي جي 15 ڏينهن گذرڻ باوجود تفصيلي فيصلو ناهي آيو، مخصوص سيٽن واري معاملي ۾ ان پارٽي کي رليف ڏنو ويو جيڪا درخواستگذار ئي نه هئي.
سندس چوڻ هو ته مخصوص سيٽن بابت اختلاف نوٽ جاري ڪيو ويو، آئين جا ڪجهه آرٽيڪل مخصوص سيٽن بابت آهن.
وفاقي وزير چيو ته اختلافي نوٽ ۾ ججن چيو ته پندرنهن ڏينهن گذرڻ باوجود تفصيلي فيصلو ڇو ناهي آيو، سپريم ڪورٽ جي ٻن ججن ڏاڍا ڪارائتا نڪتا اُٿاريا آهن، ججن جي اُٿاريل اعتراضن تي جواب اچڻ انتهائي ضروري آهي، هڪ طرفو رليف ڏيڻ سان غلط تاثر پيدا ٿيندو.
هن چيو ته مخصوص سيٽن واري فيصلي تي نظرثاني جي درخواست داخل ڪئي آهي، ڇا مستقبل ۾ به ان فيصلي کي جواب بڻائي فلور ڪراسنگ يا پارٽي تبديل ڪري سگهجي ٿي؟
عطا تارڙ چيو ته سني اتحاد ڪائونسل جي چيئرمين آزاد حيثيت سان اليڪشن ۾ حصو ورتو، سني اتحاد ڪائونسل جي آئين ۾ آهي ته ڪو به اقليتي رڪن سندن پارٽي ڪارڪن نٿو بڻجي سگهي.
ياد رهي ته ڇنڇر واري ڏينهن مخصوص سيٽن بابت ڪيس ۾ سپريم ڪورٽ جي ججن اقليتي فيصلو جاري ڪيو هو جنهن ۾ چيو ويو هو ته پي ٽي آءِ کي رليف آئين جي ابتڙ ڏنو ويو، فيصلي جي روشني ۾ آئين جي آرٽيڪل 51، 63 ۽ 106 کي معطل ڪرڻو پوندو.
Prev Post
You might also like