ڪراچي( رپورٽر ) ڪراچي ۾ ڦورن رڪشا ڊرائيورن جو روپو بڻائي وارداتون شروع ڪري ڏنيون, اهڙي ئي هڪ گروهه کي پوليس گرفتار ڪري ورتو آهي، پوليس جو چوڻ آهي ته رڪشا گينگ جي ڪارندن کي جمشيد ڪوارٽرز مان گرفتار ڪيو ويو آهي، هي گروهه شهر جي مختلف علائقن ۾ سرگرم آهي. اختيارين جو چوڻ آهي ته جوابدار شهرين کي رڪشا ۾ ويهاري ھٿيارن جي زور تي ڦر مار ڪندا هئا. گرفتار جوابدارن جي قبضي مان واردات ۾ استعمال ٿيل 3 پستول ۽ رقم هٿ ڪئي وئي، جڏهن ته جوابدارن وٽان استعمال ٿيل رڪشا به هٿ ڪيو ويو. ڪجهه وقت اڳ جوابدارن رڪشا ۾ ويهاري شهري کان 3 لک 70 هزار رپيا ڦر ڪيا هئا، گرفتار جوابدارن ۾ معشوق علي، سجاد حسين ۽ محمد علي شامل آهن. جوابدارن کي ان کان اڳ به رضويه، ناظم آباد ۽ آرام باغ ٿاڻين مان گرفتار ٿي ڪري جيل وڄين چڪا آهن.