پي ايف يو جي آمريت ۽ سول حڪومتن جي دور ۾ اظهار جي آزادي لاءِ ڪردار ادا ڪيو: افضل بٽ

سکر (پ ر) پي ايف يو جي، جي مرڪزي صدر افضل بٽ ۽ سينيئر اڳواڻ مقبول تجزيي ڪار مظهر عباس چيو آهي ته پي ايف يو جي، جي74 سالن جي تاريخ صحافت جي آزادي لاءِ جدوجهد سان ڀرپور آهي، صحافين جي حقن جي تحفظ، اظهار جي آزادي ۽ صحافت جي آزادي لاءِ پي ايف يو جي جي اڳواڻن لازوال قربانيون ڏنيون آهن، اڳتي به صحافت جي آزادي لاءِ بنا ڊپ ۽ خطري جي پي ايف يو جي جدوجهد جاري رکندي. اهڙن خيالن جو اظهار هنن سکر پريس ڪلب ۾ سکر يونين آف جرنلسٽس جي انتظام هيٺ پي ايف يو جي، جي قيام کي 74 سال پورا ٿيڻ تي پلاٽينم جوبلي جي موقعي تي ”صحافت جي آزادي لاءِ پي ايف يو جي جي جدوجهد ۽ تاريخي ڪردار“ جي عنوان هيٺ ٿيل هڪ سيمينار کي خطاب ڪندي چئي. ان کان اڳ پي ايف يو جي جي 75هين يومِ تاسيس جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو. سيمينار کي صدر سکر پريس ڪلب آصف ظهير خان لوڌي، ايس يو جي جي وقتي صدر خالد ٻانڀڻ، جنرل سيڪريٽري احقر رضوي، نائب صدر پريس ڪلب سحرش کوکر، صدر ڪورٽ رپورٽرز ايسوسيئيشن سليم سهتو، صدر فوٽو جرنلسٽس ايسوسيئيشن جاويد گهنيو ۽ ڊسٽرڪٽ بار جي جنرل سيڪريٽري سندر چاچڙ خطاب ڪيو. سيمينار کي ٽيلي فونڪ خطاب ڪندي افضل بٽ چيو ته پي ايف يو جي صحافين، اظهار جي آزادي ۽ انساني حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي قيام کان ئي لاڳيتو جاکوڙي رهي آهي.

هن چيو ته پي ايف يو جي سڀني دورن ۾ آمريت ۽ سول حڪومتن جي دور ۾ اظهار جي آزادي لاءِ مک ڪردار ادا ڪيو آهي. سندس چوڻ هو ته ان مقصد لاءِ پي ايف يو جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن نه رڳو جيلن جون سختيون برداشت ڪيون پر ڪوڙا کاڌا. هن چيو ته سکر يونين آف جرنلسٽس پي ايف يو جي جو نهايت اهميت رکندڙ حصو آهي جنهن پي ايف يو جي جي جدوجهد ۾ ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي ڪردار ادا ڪيو آهي، ان ڏس ۾ خاص طور تي شهيد صحافي جان محمد مهر، شهيد نصرالله گڏاڻي جون جاني قربانيون ذڪر جوڳيون آهن جن معاشري جي مظلوم طبقن لاءِ آواز اٿاريو ۽ ماڻهن جي مسئلن کي اجاڳر ڪيو جنهن جي ڪري کين شهيد ڪيو ويو. ايس يو جي شهيد صحافين جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ تاريخي تحريڪ هلائي آهي. ان موقعي تي سينيئر صحافي مظهر عباس پنهنجي خطاب ۾ پي ايف يو جي جي قيام جي مقصد صحافي جي آزادي لاءِ 74 سالن جي تاريخي جدوجهد ۽ پي ايف يو جي جي اڳواڻن جي قربانين تي روشني وڌي. هن چيو ته صحافت جي آزادي لاءِ پي ايف يو جي سڄي ملڪ ۾ صحافين ۽ ميڊيا ورڪرز کي متحد ڪيو آهي.  هن چيو ته چئني آمريت جي دورن ۽ جمهوري حڪومتن جي دور ۾ اظهار جي آزادي تي هر قسم جي راتاهي خلاف ڀرپور جدوجهد ڪئي آهي ۽ سڀ کان پهريان آواز اٿاريو. هن چيو ته پي ايف يو جي صحافين جي پيشيوراڻين صلاحيتن کي اجاڳر ڪرڻ ۽ سگهه کي وڌائڻ لاءِ به پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. هن چييو ته جيل هجي يا ڪا ٻي قرباني، پي ايف يو جي جي ليڊرشپ سڀ کان اڳ پاڻ کي پيش ڪيو آهي. ان موقعي تي هن 13 مئي 1978 جي ضيا جي آمريت واري دور ۾ پي ايف يو جي جي اڳواڻن ناصر زيدي، خاور نعيم هاشمي ۽ اقبال جعفري کي ڪوڙا هڻڻ جي سزائن جو ذڪر ڪيو. هن چيو ته صحافت جي آزادي ۽ جمهوريت هڪ ٻئي سان واڳيل آهن ان لاءِ پي ايف يو جي نه رڳو ورڪرز جي حقن جي تحفظ، بنيادي انساني حقن، جمهوري قدرن ۽ روايتن جي بحالي ۽ مزدور دشمن ڪارن قانونن خلاف جدوجهد ڪئي پر هميشه جمهوريت جو ساٿ ڏنو. هنن پي ايف يو جي جي ميمبرن تي زور ڏنو ته هو پي ايف يو جي جي تاريخ جو مطالعو ڪن ته جيئن کين جدوجهد کان آگاهي حاصل ٿئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.