مخالف ڌر جي ايندڙ هفتي صدر ۽ نواز شريف سان ملاقات جو امڪان

اسلام آباد ( رپورٽر ): تحريڪ  تحفظ آئين پاڪستان حڪومتي اتحاد سان باضابطا رابطا ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. اپوزيشن اتحاد ۽  حڪومتي اتحادين وچ ۾ ڳالهين ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، محمود اچڪزئي جي سربراهي ۾ اپوزيشن اتحاد جلد حڪومتي اتحادين سان رابطو ڪندو. ذريعن موجب تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان ن ليگ ۽ پيپلز پارٽي سان باضابطا رابطو ڪندي. محمود خان اچڪزئي سياسي پارٽين سان باضابطا رابطا ۽ مشاورت ڪندو. ان حوالي سان ڳالهين لاءِ ايندڙ هفتي صدر آصف زرداري ۽ نواز شريف سان ڳالهين لاءِ رابطن جو امڪان آهي. واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ پي ٽي آءِ جي باني عمران خان راولپنڊي جي اڊيالا جيل جي عدالتي ڪمري ۾ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ڪندي چيو هو ته جيڪڏهن فوج پنهنجو نمائندو مقرر ڪري ته هو ڳالهين لاءِ تيار آهيون، جنهن کانپوءِ اهڙا رابطا شروع ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.