اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ ڳالهين واري ڪميٽي جي ملاقات طئي ٿي وئي آهي، ذريعن موجب اجلاس ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان به شرڪت ڪندو، پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جميعت علماءِ اسلام جي ڳالهين واري ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو. ذريعن موجب ٻنهي وچ ۾ اتحاد جي حوالي سان اهم اڳڀرائي ٿي آهي. پي ٽي آءِ ۽ جي يو آءِ جي ڳالهين واري ڪميٽي جو پهريون اجلاس اڱاري تي ٿيندو. ان حوالي سان ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته اجلاس ۾ جي يو آءِ سربراهه مولانا فضل الرحمان به شرڪت ڪندو. واضح رهي ته پاڪستان تحريڪ انصاف ۽ جميعت علماءِ اسلام طرفان ڳالهين لاءِ 5 رڪني ڪميٽي اڳ ئي ٺاهي وئي آهي ۽ هاڻي انهن جي اجلاس جو به بندوبست ڪيو ويو آهي، واضح رهي ته مولانا فضل الرحمان عمره ادا ڪرڻ لاءِ سعودي عرب روانو ٿي ويو آهي، جي يو آءِ سربراهه آچر تي وطن واپس ايندو.