ماڻهن جي گمشدگي ۾ رڳو ڳجها ادارا ملوث ناهن،ٻيا به سبب آهن:اعظم نذير

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ ) قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته گم ٿيل ماڻهن ۾رڳو انٽيليجنس ايجنسيون ملوث ناهن پر گم ٿيل ماڻهن جا ٻيا به ڪيترائي سبب آهن.وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ خطاب ۾ اعظم نذير تارڙ وڌيڪ چيو ته گم ٿيل ماڻهن جي معاملي تي جوڙيل ٻن ڪميٽين جي رپورٽ ڪابينا ۾ پيش ڪئي وئي ۽ انهن جي سفارشن جي ڪابينا ۾ منظوري ڏني وئي.سندس چوڻ هو ته گم ٿيل ماڻهن جي خاندانن جي قانوني مدد سان گڏ مالي مدد جي به منظوري ڏني وئي آهي، جنهن ۾ سندن لاءِ 50 لکن جو رليف پيڪيج به شامل آهي.هن چيو ته وفاقي ڪابينا پنجن سالن کان گم ٿيل ماڻهن جي وارثن لاءِ 50 لک رپيا في ڪيس امداد جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، هن چيو ته رياست ماءُ جيان آهي، ان ئي سوچ تحت متاثرن کي امداد ڏني پئي وڃي.ياد رهي ته گم ٿيل ماڻهن بابت ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالت بار بار حڪومت کان سندن گهرڀاتين جي ڏکيائين ۽ مالي مسئلن جي حل بابت پڇاڻو ڪيو ۽ حڪومت کي ان حوالي سان ميڪنزم ٺاهڻ جون هدايتون ڏنيون هيون.عدالتي حڪمن تي عملدرآمد جي حوالي سان اٽارني جنرل جي خاطري کانپوءِ حڪومت ان لاءِ ڪميٽيون جوڙي ڇڏيون هيون.اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ماضي ۾ اسان کي عالمي طاقتن پاران استعمال ڪيو ويو، دهشتگردي سبب اسان کي ڪيترن ئي مسئلن کي منهن ڏيڻو پيو.اعظم نذير تارڙ چيو ته افغان جنگ سبب پاڪستان کي دهشتگردي جو منهن ڏسڻو پيو، حڪومت گم ٿيل ماڻهن جي بازيابي لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهي آهي. سندس چوڻ هو ته پي ٽي ايم حڪومت هڪ خاص ڪميٽي ٺاهي هئي، اها ڪميٽي نگران حڪومت ۾ به ڪم ڪندي رهي. ڪنهن به ماڻهوءَ جي گم ٿيڻ سان ان جي خاندان لاءِ وڏو ڏک ٿيندو آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.