اليڪشن ايڪٽ ۾ ترميم، حڪومت ۽ عدليه ۾ ٽڪراءَ جو خدشو: مبصر

اسلام آباد (م ڊ) قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪاميٽي طرفان هلندڙ هفتي اليڪشن ايڪٽ بابت هڪ ترميم بل جي منظوري ۽ ان دوران ايوان ۾ حڪومتي ميمبرن جي بيانن پي ٽي آءِ جي مخصوص سيٽن بابت نئون تڪرار اٿاري ڇڏيو آهي. ان تڪرار جو سبب منظور ٿيل بل جا لفظ ”ڪنهن سياسي پارٽي سان واڳيل هجڻ جو اقرار نامو تبديل نٿو ڪري سگهجي“ آهن. قومي اسيمبلي مان منظوري جي صورت ۾ بل سينيٽ ۾ پيش ڪيو ويندو ۽ اتان منظوري کانپوءِ  صدر  صحيحون ڪري بل کي قانون ۾ تبديل ڪري ڇڏيندو. سپريم ڪورٽ طرفان پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽون ڏيڻ جو فيصلو اچي چڪو آهي. پي ٽي آءِ طرفان ان ترميم تي تنقيد کانپوءِ ڪجهه سياسي مبصرن سوال اٿاريو آهي ته بل جو مقصد پي ٽي آءِ کي مخصوص سيٽن کان محروم رکڻ آهي. اهو به خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي ته بل حڪومت ۽ عدليه ۾ ٽڪراءَ جو سبب بڻجي سگهي ٿو. پي ٽي آءِ حڪومت تي الزام هنيو آهي ته تحريڪ انصاف جي مخصوص سيٽن جا در بند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي. ماهرن سميت پي ٽي آءِ جو چوڻ آهي ته ترميمن جي منظوري کانپوءِ پارٽي کي مخصوص سيٽون ملڻ ڏ کيو هوندو ڇو ته بل ريٽروسپيڪٽو يعنيٰ ماضي مان هوندو. مخالف ڌر ۽ سياسي مبصر عدليه جي سالياني موڪلن دوران هن قانونسازي کي عدليه جي فيصلن خلاف قرار ڏئي رهيا آهن. پي ٽي آءِ اڳواڻن جو چوڻ آهي ته تحريڪ انصاف هن قانونسازي کي روڪڻ لاءِ جيڪو ڪجهه ڪري سگهي ٿي اهو ڪندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.