لاڙڪاڻي ۾ هٿياربندن جو گهر تي حملو، 2 ڀينرون قتل، سندس امڙ زخمي

لاڙڪاڻو(بيورو رپورٽ: عبدالوحيد ابڙو )  لاڙڪاڻي شهر جي رحمت پور ٿاڻي جي حد نظر پاڙي ۾ مبينا طور هٿياربند پورهيت عظمت علي چانڊيو جي گهر تي حملو ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب پورهيت جون ٻه نياڻيون 19 سالن جي حفيظان، 17 ورهين جي فرحه ۽ سندس گهرواري روبينه چانڊيو سخت زخمي ٿي پيون، جن کي علائقي واسين کڻائي ٽراما سينٽر آندو، جتي ٻنهي نارين زخمن جا سور نه سهندي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو ۽ سندس امڙ جو علاج هلندڙ آهي. ان موقعي تي پورهيت عظمت چانڊيو ميڊيا کي ٻڌايو ته اسين اصل ڳوٺ جامڪ چانڊيو جا رهواسي آهيون، پر ڪجھه سال اڳ اتان لڏپلاڻ ڪري لاڙڪاڻي شهر جي نظر پاڙي ۾ رهائش اختيار ڪئي سين. هن الزام لڳايو ته اڄ صبح جي وقت منهنجي ڀاءُ سعيد چانڊيو، ڀاڻيجي جميل، سئوٽ نعمت الله چانڊيو پنهنجي هٿياربند ساٿين سان گڏجي گهر مٿان حملو ڪري انڌاڌنڌ فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ گوليون لڳڻ سبب منهنجيون ٻه نوجوان نياڻيون حفيظان، فرحه قتل ٿي ويون آهن ۽ گهرواري روبينه چانڊيو سخت زخمي ٿي پئي آهي، جيڪا هن وقت اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ سان گڏ کين سزا ڏئي اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ان حوالي سان رابطو ڪرڻ تي حد جي رحمت پور ٿاڻي جي پوليس ٻڌايو ته شروعاتي جاچ ۾ معلوم ٿيو آهي ته واقعو گهرو اڻبڻت تان پيش آيو آهي، وڌيڪ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ ڪئي پئي وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.