پنوعاقل ( رپورٽ : رستم انڍڙ) سکر سينٽرل جيل ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل پنوعاقل واسي ھندو نوجوان چيتن ڪمار جي وارثن ، ھندوپنچائت ۽ سول سوسائٽي طرفان ريلي ، شھر جو گشت ، مندر گلي کان سانول چوڪ تائين ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي . سکر سينٽرل جيل ۾ پراسرار نموني فوت ٿيل پنوعاقل واسي ھندو نوجوان چيتن ڪمار جي خون سان انصاف لاءِ ھندو پوج پئنچائت ، ھنڌو پنچائت ۽ سول سوسائٽي طرفان احتجاجي ريلي ڪڍي وئي ،چيتن ڪمار جي خون سان انصاف لاءِ مندر گلي کان سانول چوڪ تائين ريلي ڪڍي سخت نعريبازي ڪئي وئي ، مظاھرين ڊاڪٽر ھري لعل ، مکي پربداس، مکي دريانو مل ، سنتوش ڪمار ۽ ٻين جو چوڻ ھو ته چيتن ڪمار کي پنوعاقل پوليس ۽ سينٽر جيل پوليس تشدد جو نشانو بڻايو جنھن ڪري موت واقعو ٿيو.
ھنن چيو ته 11 ڏينهن گذري وڃڻ باوجود ھن مھل تائين ڪنھن به پوليس آفيسر ۽ سنڌ حڪومت جي نمائندي طرفان رابطو ناھي ڪيو ويو ھنن پاران آءِ جي سنڌ ، سنڌ حڪومت کان نوٽيس وٺي چيتن کي گرفتار ڪندڙ ۽ تشدد ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آھي.