ٽانڪ ۾ ججن جي قافلي تي حملو، ٻه پوليس اهلڪار شهيد

ڊي آءِ خان ( م ڊ) ڊي آءِ خان ۾ ججن جي اسڪواڊ تي فائرنگ جي نتيجي ۾ ٻه پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا آهن. پوليس موجب،  ٽانڪ کان ايندڙ ججن جي اسڪواڊ تي فائرنگ ڪئي وئي جنهن جي نتيجي ۾ ججن جي سيڪيورٽي تي مقرر ٻه محافظ شهيد ٿي ويا. پوليس جو چوڻ آهي ته ججن تي فائرنگ جو واقعو هٿالا ويجهو پيش آيو، علائقي کي ڪڙو چاڙهي واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي ڳولا شروع ڪري ڇڏي آهي.

  1. ملڪ ۾ صنفي تشدد جا ڪيس وڌي ويا: رپورٽ

اسلام آباد (م ڊ) قانون ۽ انصاف واري ڪميشن جي جاري ڪيل رپورٽ ۾ ملڪ ۾ صنفي تشدد جا ڪيس وڌڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. رپورٽ موجب عدالتن ۾ صنفي تشدد جي التوا هيٺ ڪيسن ۾ به واڌ ٿي آهي.  2023 ۾ صنفي تشدد جا التوا هيٺ ڪيس 21 هزار 891 مان وڌي 39 هزار 665 ٿي ويا. پنجاب ۾ صنفي تشدد جي التوا هيٺ ڪيسن ۾ 100 سيڪڙو واڌ ٿي آهي جڏهن ته سنڌ ۾ 3، ڪي پي ۾ 14، بلوچستان ۾ 2 ۽ اسلام آباد ۾ هڪ سيڪڙو واڌ ٿي. صنفي تشدد جي ڪسن ۾ سڀ کان وڌيڪ ڪيس جنسي زيادتي جا آهن، التوا هيٺ ڪيسن ۾ اغوا، انساني اسمگلنگ ۽ عورتن جي قتل جا ڪيس آهن. رپورٽ موجب صنفي ڪيسن ۾ اليڪٽرانڪ ڏوهن ۾ واڌ جڏهن ته معاشي ڏوهن ۾ گهٽتائي ٿي. قانون ۽ انصاف واري ڪميشن موجب صنفي ڏوهن ۾ ملوث جوابدارن جي سزائن جي شرح رڳو 5 سيڪڙو آهي، صنفي ڏوهن ۾ نامزد جوابدارن جي بري ٿيڻ جي شرح 64 سيڪڙو آهي. ملڪ ۾ صنفي ڏوهن کي منهن ڏيڻ لاءِ 480 خاص عدالتون 2019 ۾ قائم ڪيون ويون هيون.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.