سکر (رپورٽر ) سکر ۾ ايف آءِ اي سائبر ڪرائم آفيس جي باٿ روم ۾ جسماني رمانڊ تي پڇا ڳاڇا دوران جوابدار آپگهات ڪري ڇڏيو. ان سلسلي ۾ ايف آءِ اي ذريعن موجب ايف آءِ اي سائبر ڪرائم عورت جي مڙس جي فرياد تي جوابدار اعجاز شيخ کي لاڙڪاڻي مان گرفتار ڪيو هو جنهن بعد جوابدار کي ريمانڊ تي ايف آءِ اي حوالي ڪيو ويو هو ته جوابدار باٿ روم ۾خود ڪشي ڪري ڇڏي فوتي جو لاش پوسٽ مارٽم ۽ ٻين قانوني ڪارروائي لاءِ سول اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي،ان حوالي سان ايف آءِ اي جي سائبر ڪرائم آفيسرن سان رابطو ڪرڻ جي ڪيترائي ڀيرا ڪوشش ڪئي وئي پر هو ڪو به موقف سامهون نه اچي سگهيا.