جماعت اسلامي جو ڌرڻو، پوليس پهچڻ تي ڌرڻي ۾ آيل پي ٽي آءِ اڳواڻ کسڪي ويا

اسلام آباد(م ڊ) جماعت اسلامي جو ڌرڻو ڪالهه اٺين ڏينهن به جاري رهيو، حڪومت سندن گرفتار ڪيل ڪارڪن کي آزاد ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ڌرڻي ۾ پوليس پهچڻ تي پي ٽي آءِ اڳواڻ کسڪي ويا، ڪالهه راولپنڊي  ۾ جماعت اسلامي جي جاري ڌرڻي ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف اسلام آباد ۽ راولپنڊي جي اڳواڻن شرڪت ڪئي، ڌرڻي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ شعيب شاهين جي تقرير دوران پوليس جي وڏي نفري پهچي وئي، جنهن سبب شعيب شاهين تقرير اڌوري ڇڏي موٽرسائيڪل تي چڙهي هليو ويو. جماعت اسلامي جي ڌرڻي ۾ اسلام آباد مان شعيب شاهين، راولپنڊي مان عامر مغل ۽ شهريار رياض شرڪت ڪئي. جماعت اسلامي جي وقتي امير لياقت بلوچ پي ٽي آءِ قيادت جي آجيان ڪئي.ان کان اڳ پنهنجي آفيشل ايڪس اڪائونٽ تان جاري ڪيل بيان ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان چيو ته هو بجلي جي بلن ۽ ٽيڪسن ۾ واڌ خلاف جماعت اسلامي جي ڌرڻي جي حمايت ڪري ٿو. هن چيو ته منهنجي پارٽي قيادت ۽ ڪارڪنن کي هدايت آهي ته هو جماعت اسلامي جي ڌرڻي ۾ شرڪت ڪن، واضح رهي ته راولپنڊي جي لياقت باغ ۾ بجلي جي قيمتن ۾ گهٽتائي لاءِ جماعت اسلامي جو ڌرڻو اٺين ڏينهن به جاري آهي، جنهن ۾ سوين ڪارڪن لياقت باغ راولپنڊي ۾ ڌرڻو هڻي ويٺل آهن، ٻي پاسي حڪومتي ڪميٽي ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ڳالهين ۽ وفاقي حڪومت جي اعلان کانپوءِ پنجاب ۾ ڌرڻي دوران گرفتار ٿيل جماعت اسلامي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو، وفاقي حڪومت جي سفارش تي پنجاب حڪومت اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي آزاد ڪري ڇڏيو.جماعت اسلامي جي اڳواڻ عبدالعزيز عابد چيو ته اسان جي ڪارڪنن کي آزاد ڪيو ويو آهي، گذريل رات ڪجهه ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو ويو هو ۽ انهن کي به آزاد ڪيو ويو آهي پر ڌرڻي لاءِ نڪرندڙ بسن کي پوليس ٿاڻي تي روڪيو آهي.جماعت اسلامي جي اڳواڻ احمد سلمان بلوچ چيو ته منهنجي خلاف هڪ ايف آءِ آر رهجي وئي آهي جيڪا ڊسمس نه ٿي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.