اسماعيل هانيه کي اسرائيل جاسوسي سافٽ ويئر ذريعي نشانو بڻايو

واشنگٽن(م ڊ) هڪ آمريڪي اخبار مبينا طور تي ايران ۾ ان سائيٽ جي تصوير جاري ڪئي آهي جتي فلسطيني مزاحمتي تنظيم حماس جي سربراهه اسماعيل هانيه کي شهيد ڪيو ويو هو. آمريڪي اخبار ان مبينا سائيٽ جي تصوير جاري ڪئي آهي جتي حماس جي سياسي ونگ جي سربراهه اسماعيل هانيه کي شهيد ڪيو ويو هو. آمريڪي اخبار پنهنجو نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ٻڌايو ته هڪ ايراني اهلڪار اها تصوير اسان سان شيئر ڪئي پر ايراني اختيارين طرفان باضابطه طور تي اهڙي ڪا به ڄاڻ جاري ناهي ڪئي وئي. وچ اوڀر لاءِ يورپي مبصر ايليا جي ميگنيئر هڪ بيان ۾ چيو آهي ته اسرائيلي جاسوسي سافٽ ويئر اسماعيل هانيه کي نشانو بڻائڻ لاءِ استعمال ڪيو ويو. ايليا جي ميگنيئر جي بيان موجب اسرائيل اسماعيل هانيه جي واٽس اپ ميسيج ۾ جديد اسپائي ويئر پلانٽ ڪيو، جاسوسي سافٽ ويئر اسرائيلي انٽيليجنس کي اسماعيل هانيه جو هنڌ ٻڌايو. اسماعيل هانيه کي پٽ سان فون ڪرڻ بعد شهيد ڪيو ويو، جنهن دوران اسماعيل هنيه جي هنڌ جي سڃاڻپ ڪئي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.