هانيه جي شهادت، سنڌ بار پاران اڄ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ بار ڪائونسل حماس جي اڳواڻ اسماعيل هانيه جي قتل خلاف اڄ (2آگسٽ)سنڌ ۾ ڪارو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان  ڪري ڇڏيو آهي.سنڌ بار ڪائونسل چيو آهي ته سنڌ جون سموريون بار ايسوسئيشن احتجاجي مظاهرا ڪن ۽ ريليون ڪڍن. سنڌ بار ڪائونسل پنهنجي ٺهراءُ ۾ چيو آهي ته يهودي بربريت پنهنجي عروج تي اچي وئي آهي، سنڌ بار ڪائونسل فلسطيني مجاهد کي خراج تحسين پيش ڪري ٿي ۽ فلسطينين جي غم ۾ برابر جي شريڪ آهي . سنڌ بار ڪائونسل جو چوڻ آهي ته اسماعيل هانيا جي شهادت تي عالمي ادارن جي خاموشي معنيٰ خيز آهي .

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.