اسلام آباد (م ڊ) پاور ڊويزن واري وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته چين جي دوري دوران چيني اختيارين کي چيو ويو هو ته هو پاڪستان ۾ پنهنجن پاور پلانٽس جا قرض ري پروفائيل ڪن، جيڪڏهن ائين ٿيو ته بجلي جي قيمت ضرور گهٽ ٿي ويندي. نجي ٽي وي جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته نجڪاري ۽ ٽرانسميشن کي بهتر بڻائڻ تي به غور ڪيو پيو وڃي، جنهن سان بجلي جي اگهه ۾ 2 رپيا في يونٽ گهٽتائي ٿي سگهي ٿي. هن چيو ته سي پيڪ جا ٽي پلانٽ ٻاهرين ملڪ مان مهانگو ڪوئلو خريد ڪري بجلي پيدا ڪن ٿا، جيڪڏهن ٿر جو ڪوئلو استعمال ڪن ته سندن بجلي 23 رپيا في يونٽ کان گهٽجي 7 رپيا في يونٽ ٿي سگهي ٿي. توانائي واري وفاقي وزير چيو ته حڪومت گهريلو واهپيدارن لاءِ بجلي تي 18 سيڪڙو سيلز ٽيڪس تي نظرثاني ڪري سگهي ٿي.