اعجاز جکراڻي جي پٽ تي ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ عدالت ۾ درخواست

ڪراچي (رپورٽر) پ پ جي ايم اين اي اعجاز جکراڻي جي پٽ جي گارڊ پاران نوجوان شهري ابوبڪر تي تشدد ڪرڻ خلاف ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڏکڻ جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي.درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته پوليس کي خبر هجڻ باوجود پ پ اڳواڻ جي پٽ تي ڪيس داخل ڪرڻ بدران اڻڄاتل ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو آهي.عدالت کي استدعا آهي ته اصل جوابدارن مٿان ڪيس داخل ڪيو وڃي ۽ ڪيس جي جاچ ايس ايس پي ليول جي آفيسر کان ڪرائي وڃي. ياد رهي ته 25جولاءِ تي اعجاز جکراڻي جي پٽ جي گارڊ نوجوان ابوبڪر تي تشدد ڪيو، جنهن جي وڊيو به ٺاهي وئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.