40 آءِ پي پيز خلاف سپريم ڪورٽ وڃون پيا: گوهر اعجاز

اسلام آباد(م ڊ) صنعت ۽ واپار بابت اڳوڻي نگران وزير گوهر اعجاز چيو آهي ته جيڪو سستي بجلي ڏئي ان کان بجلي وٺو، ڪاروبار ڪرڻ حڪومت جو ڪم ناهي.هڪ بيان ۾ گوهر اعجاز چيو ته ٻه پلانٽ ٻيڻي لاڳت سان لڳايا ويا، ٽي پلانٽ اهڙا آهن جيڪي ڪم ڪرڻ کانسواءِ ڪروڙين رپيا هڙپ ڪري ويا.گوهر اعجاز جو چوڻ آهي ته آءِ پي پيز سان معاهدن جي فرانزڪ آڊٽ ٿيڻ گهرجي، 40 آءِ پي پيز ڪمپنين خلاف سپريم ڪورٽ وڃي رهيا آهيون.هنن چيو ته عوام کي اپيل ڪريون ٿا ته اسان جي درخواستن تي صحيح ڪن، جيڪڏهن حڪومت اسان جي ڳالهه ٻڌي ها ته سپريم ڪورٽ نه وڃون ها.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.