حڪومت چوندي ته ايڪس(ٽوئيٽر) کي کولي ڇڏينداسين: پي ٽي اي

اسلام آباد (م ڊ) پي ٽي اي چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان جو چوڻ آهي ته حڪومت جي چوڻ تي سوشل ميڊيا پليٽ فارمز بند ڪندا آهيون، حڪومت جڏهن چوندي ته ايڪس (ٽوئٽر) کولي ڇڏينداسين. سينيٽ جي ڪابينا بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس رانا محمود الحسن جي صدارت هيٺ ٿيو جنهن ۾ پي ٽي اي چيئرمين انٽرنيٽ ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن معاملن تي بريفنگ ڏني. سينيٽر عبدالقادر پي ٽي اي چيئرمين کان پڇيو ته ايڪس کولڻ جو ارادو آهي؟ جنهن تي هن چيو ته اسان کي جنهن ڏينهن حڪومت چوندي ايڪس کولي ڇڏينداسين، ايڪس اسان جي شڪيت تي ٽن مهينن ۾ رڳو 7 سيڪڙو عمل ڪيو آهي. پي ٽي اي چيئرمين ٻڌايو ته وي پي اين بلاڪ ڪري سگهجن ٿا، وي پي اين جي وائيٽ لسٽنگ ڪري رهيا آهيون ته اهي وي پي اين پاڪستان ۾ هلندا ٻيا نه هلندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.