اسلام آباد(م ڊ) نئين مالي سال جي پهرين مهيني دوران مهانگائي وڌي وئي. شماريات واري اداري مهانگائي بابت مهيني جي رپورٽ جاري ڪري ڇڏي آهي. انسٽيٽيوٽ آف اسٽيٽسٽڪس جي رپورٽ موجب جون جي ڀيٽ ۾ جولاءِ دوران مهانگائي ۾ 2.10 سيڪڙو اضافو ٿيو. جولاءِ 2024 ۾ مهانگائي جي شرح 11.09 سيڪڙو رهي، رپورٽ موجب جولاءِ دوران شهرن ۾ مهانگائي جي شرح 2.03 سيڪڙو ۽ ڳوٺن ۾ 2.20 سيڪڙو وڌي ، اهڙي ريت شهرن ۾ مهانگائي جي شرح 13.18 سيڪڙو جڏهن ته ڳوٺن ۾ اها شرح 8.14 سيڪڙو رهي.