هاڻوڪين برساتن ۾ گوادر جي ٻهراڙي وارن علائقن ۾ ٻارڙن ۽ عورتن جي لاءِ ميڊيڪل ڪيمپس لڳائڻ سميت برسات ستايلن جي امداد ۽ حقن لاءِ عالمي سطح تي جدوجهد ڪندڙ اڳواڻ ماهه رنگ بلوچ ۽ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهي آهي.
بلوچستان جون حالتون گذريل ڪجهه عرصي کان تمام گهڻو پريشان ڪندڙ رهيون آهن. گذريل ڪجهه ڏينهن کان بلوچستان واري علائقي ۾ ڇڪتاڻ عروج تي پهچي وئي آهي. هڪ پرامن احتجاجي ريلي کي روڪڻ لاءِ اختيارين پاران طاقت جو استعمال اڳ ۾ ئي غير مستحڪم صورتحال کي تيز ڪري ڇڏيو آهي. تنهن هوندي به، جيڪي اقتدار ۾ آهن انهن کي ڇڪتاڻ واري صورتحال جي ڪا به ڳڻتي نه آهي.
گوادر ۾ سڄي صوبي مان هزارين ماڻهن گڏ ٿي نه رڳو جبري گمشدگين خلاف پر پنهنجي جمهوري حقن لاءِ به احتجاج ڪري رهيا. رپورٽن مطابق جهيڙن ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن سميت ڪيترائي ماڻهو مارجي زخمي ٿيا آهن. سوين مارچ ڪندڙن کي حراست ۾ ورتو ويو ۽ ڪيترن ئي ھندن تي روڊ بلاڪ ڪيا ويا پر انتظاميه جون سموريون ڪوششون ناڪام رهيون بلوچ يڪجهتي ڪميٽيءَ پاران ۽ ڪجهه بلوچ قومپرست پارٽين طرفان صوبي اندر ۽ ٻاهر جبري گمشدگين خلاف هي پهريون احتجاج نه هو، پر يقينن گذريل سالن ۾ اهو سڀ کان وڌيڪ طاقتور هو. نوجوان اڳواڻ ڊاڪٽر ماه رنگ بلوچ جي اڳواڻي ۾ بلوچ يڪجهتي ڪميٽي رياستي جبر خلاف سڀ کان مضبوط آواز بڻجي اڀري آهي. احتجاج ڪندڙن ڏکڻ بلوچستان جي سمورن وڏن شهرن ۾ زندگي مفلوج ڪري ڇڏي آهي. عوام شديد ڪاوڙ جو اظهار ڪري رهيو آهي .
اسٽيبلشمينٽ مخالف احتجاج صوبي جي ننڍن وڏن شهرن ۾ پکڙجي ويا آهن. اهي بلوچ آباديءَ کي ڌاريو ڪرڻ طرف دڪي رھيا آھن. جيڪي ڪافي عرصي کان پنهنجي بنيادي حقن کان محروم آهن.
احتجاج ڪندڙن ۾ وڏو انگ عورتن جو آهي، جن جي گهر ڀاتين کي يا ته سالن کان گم ڪيو ويو آهي يا وري قتل ڪري انهن جا بيدرديءَ سان لاش اڇلايا ويا آهن.
اهو الزام آهي ته انهن کي سيڪيورٽي اهلڪارن طرفان جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو آهي. مظاهرن ڏکڻ بلوچستان جي سمورن وڏن شهرن ۾ زندگي مفلوج ڪري ڇڏي آهي.
ماہ رنگ بلوچ پاڻ ان ڏکي وقت مان گذري چڪي آهي. سندس پيءُ کي 2009 ۾ اغوا ڪيو ويو ۽ 2011 ۾ سندس تشدد ٿيل لاش مليو. انهن واقعن کيس بلوچن لاءِ سرگرم ڪارڪن ٿيڻ تي مجبور ڪيو.
بدقسمتي سان انصاف لاءِ سندن دانهون ٻوڙن جي ڪنن تي پئجي نه سگهيون آهن اختياريون سندن خدشن جو ازالو ڪرڻ بدران احتجاج ڪندڙن جو آواز دٻائي رهيون آهن. اسان احتجاجن جي پويان رياست مخالف ڌرين جو ساڳيو پراڻو منتر ٻڌون پيا. بلوچ عوام ۽ رياست جي وچ ۾ وڌندڙ وڇوٽي جو ڪنهن کي به احساس ناهي. هاڻي جمهوري عمل، عوام جي طاقت ۽ رياست جي استحڪام کي چئلينج ڪيو پيو وڃي.
بلوچن جون شڪايتون بلڪل حقيقي ۽ تمام گهڻيون آھن. ان جي باوجود عوام جي آواز کي دٻائڻ لاءِ طاقت جو استعمال ڪيو ويو. قدرتي وسيلن جي باوجود، صوبو پاڪستان جو سڀ کان پٺتي پيل علائقو آهي.
بلوچستان جي گوادر بندرگاهه، جنهن کي اربين ڊالرن جي سي پيڪ جو پرچم بردار منصوبو سمجهيو ويندو هو، حيران ڪندڙ طور تي عوام جي بيچيني جو مرڪز بڻجي ويو آهي. جڏهن ته مقامي آبادي انتهائي غربت ۾ زندگي گذاري رهي آهي، تعليم ۽ صحت جي سهولتن تائين گهٽ رسائي سان، سامونڊي ڪناري تي پرائيم ريئل اسٽيٽ ٻاهرين ماڻهن کي الاٽ ڪيو پيو وڃي. شهر گذريل سالن ۾ ڪيترن ئي احتجاجن جو منظر رهيو آهي. پر بلوچ يڪجهتي ڪميٽي کي ”سيڪيورٽي سببن“ جي ڪري شهر ۾ ريلي منعقد ڪرڻ جي اجازت نه ڏني وئي.
اهڙين حالتن ۾ ڪيترائي بلوچ نوجوان، جيڪي ڪمزور جمهوري سياسي عمل مان اُميد وڃائي ويٺا آهن، سي ويڙهاڪ گروپن ۾ شامل ٿيڻ ڏانهن وڃي رهيا آهن. عدالتن کان مٿانهان قتل ۽ سياسي ڪارڪنن جي غير قانوني نظربندي ڪيترن ئي پڙهيل لکيل ۽ مايوس نوجوانن کي دربدر ڪري ڇڏيو آهي. ملڪ جي يونيورسٽين جي ڪيمپس مان وڏي تعداد ۾ بلوچ شاگردن کي مبينا طور تي کنڀي کنيو ويو آهي. خوف اهو آهي ته اهي ڪڏهن به گهر نه ايندا. اهڙا سخت قدم ۽ جمهوري حقن کان انڪار صوبي ۾ عليحدگي پسندي جي اڀار جا وڏا سبب آهن. بلوچ ويڙهاڪن گروپن کي ٻاهرين حمايت جي الزام ۾ ڪجهه حقيقت ضرور آهي، پر ويڙهاڪيءَ جو بنيادي سبب رياستي جبر ۽ جمهوري حقن کان انڪار آهي. اهي رياستي ڪارروايون ويڙهاڪ گروپن کيهٿي ڏئي رهيو آهن.
ماهه رنگ بلوچ ۽ ٻيا بلوچ اڳواڻ جيڪي چئي رهيا آهن، اهو ٻڌڻ گهرجي. اهي رڳو چاهين ٿا ته رياست جبري گمشدگين کي روڪي ۽ بلوچ عوام کي سندن جمهوري سياسي حق ڏئي. هو اهو به چاهين ٿا ته بلوچ عوام کي ترقي ۽ مقامي معاشي وسيلن ۾ سندن حصو ملي. جيڪڏهن انهن حساس آوازن کي دٻايو ٿو وڃي ته پوءِ مستقبل جي ڪا به اميد نه رهندي