سلمان ۽ ڪترينا بابت زرين جي بيان ٿرٿلو مچائي ڇڏيو

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) بالي ووڊ اداڪارا زرين خان انڪشاف ڪيو آهي ته ماضيءَ فلم انڊسٽري ۾ ڪترينا ڪيف سان ڀيٽ ڪرڻ تي کيس تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو.
اداڪار زرين خان هڪ انٽرويو دوران ڳالهائيندي چيو ته فلم وير کانپوءِ سندس زندگي ڏاڍي بُري ٿي وئي ۽ فلم سبب تمام گهڻي تنقيد جو منهن ڏسڻو پيو.
هن چيو ويز هڪ تمام وڏي فلم هئي شروع ۾ مون کي ڏاڍي خوشي محسوس ٿي ته منهنجي ڀيٽ ڪترينا ڪيف سان ٿي رهي آهي هوءَ ڏاڍي خوبصورت آهي.
هن چيو ته ڪترينا ڪيف سان ڀيٽ منهنجي ڪيريئر کي متاثر ڪيو، انڊسٽري ۾ نئين هيس، هدايتڪارن ۽ پرڊيوسرن جي نالن جي خبر هئي پر شڪل سان ڪنهن به نه سڃاڻيندي هيس.
اداڪارا وڌيڪ چيو ته مٿس ايتري تنقيد ڪئي وئي جو گهر کان ٻاهر نڪرڻ وقت به ڊپ محسوس ٿيندو هو، ماڻهو سندس وزن تي ٺٺول ۽ ڪپڙن تي تبصرا ڪندا هئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.