اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)سپريم ڪورٽ ڊگهي عرصي کانپوءِ شريعت اپيليٽ بينچ جوڙي ڇڏي آهي، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي.
چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي صدارت هيٺ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ شريعت اپيليٽ بينچ جوڙڻ جي منظوري ڏني وئي.
جنهن ۾ جسٽس نعيم اختر افغان، جسٽس شاهد بلال حسن کان علاوه ڊاڪٽر محمد خالد مسعود ۽ ڊاڪٽر قبله اياز به بطور عالم جج شريعت بينچ جو حصو هوندا.
وفاقي شرعي عدالت جي فيصلن خلاف ڪيتريون ئي اپيلون سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهن.
وياج نظام خلاف وفاقي شرعي عدالت جي فيصلي خلاف اپيل به سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 5 رڪني شريعت اپيليٽ بينچ 5 آگسٽ تي ڪيسن جي ٻڌڻي ڪندي.
You might also like