اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) سپريم ڪورٽ مشهور صحافي ارشد شريف قتل جو پاڻمرادو نوٽيس ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ جسٽس جمال خان مندوخيل جي سربراهي ۾ 5 رڪني لارجر بينچ جوڙي ڇڏي آهي، جيڪا موڪلن کانپوءِ ٻڌڻي ڪندي.
سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي جي اجلاس ۾ لارجر بينچ ٺاهڻ جو فيصلو اڪثريت راءِ سان ٿيو ۽ جسٽس منصور علي شاهه جي تجويز تي جسٽس جمال خان جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ جوڙي وئي.
لارجر بينچ جي ٻين ميمبرن ۾ جسٽس محمد علي مظهر، جسٽس عائشه ملڪ، جسٽس حسن اظهر رضوي ۽ جسٽس اطهر من الله شامل آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته جسٽس جمال خان مندوخيل جي سربراهيءَ ۾ 5 رڪني لارجر بئنچ جوڙڻ جو فيصلو 2 ڀاڳي هڪ جي تناسب سان ڪيو ويو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جسٽس منصور علي شاهه جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ برقرار رکڻ جي راءِ ڏني. جسٽس منصور علي شاهه جسٽس جمال مندوخيل جي سربراهي ۾ 5 رڪني بينچ جوڙڻ جي راءِ ڏني، جنهن تي جسٽس منيب اختر به اتفاق ڪيو.
پريڪٽس اينڊ پروسيجر ڪميٽي اڪثريت راءِ سان جسٽس جمال مندوخيل جي سربراهي ۾ لارجر بينچ جوڙڻ جو فيصلو ڪيو، جڏهن ته چيف جسٽس جي راءِ هئي ته ارشد شريف قتل ڪيس جي ٻڌڻي 3 رڪني بينچ موڪلن دوران ئي ڪري.
You might also like