تهران ( ويب ڊيسڪ ) تهران ۾ اسرائيل جي حملي ۾ شهيد ٿيل حماس سربراهه اسماعيل هانيا جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب، تهران ۾ اسرائيل جي حملي ۾ شهيد ٿيل حماس سربراهه اسماعيل هانيا جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي آهي، ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي اسماعيل هانيا جي جنازي نماز پڙهائي.
حماس سربراهه جي جنازي نماز ۾ هزارين ماڻهو شريڪ ٿيا آهن، اسماعيل هانيا جي تدفين سڀاڻي قطر جي راڄڌاني دوحا ۾ ڪئي ويندي.
You might also like