راولپنڊي ( ويب ڊيسڪ ) جماعت اسلامي جي امير حافظ نعيم الرحمان آءِ پي پيز سان معاهدا ختم ڪرڻ ۽ بجلي جا اگهه گهٽائڻ جا مطالبا پورا نه ٿيڻ جي صورت ۾ ڌرڻي کي حڪومت هٽايو تحريڪ ۾ بدلائڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو.
لياقت باغ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي نعيم الرحمان چيو ته جماعت اسلامي جيڪي مطالبا ڪري رهي آهي اِهي حقيقت تي ٻڌل آهن، صنعتن سان واسطو رکندڙ وفد کي ڌرڻي ۾ ڀليڪار چئون ٿا، صنعتڪارن جو ڌرڻي ۾ اچڻ ثبوت آهي ته جماعت اسلامي ئي مسئلا حل ڪري سگهي ٿي.
سندس چوڻ هوته حڪومت کي چيو آهي ته اسان کي آءِ پي پيز سان ٿيل معاهدا ڏيکاري ، جيڪا بجلي ٺهي ئي نه پئي ان جا پئسا اوڳاڙيا پيا وڃن، اربين رپيا معاهدن جي صورت ۾ ڦريا پيا وڃن، جنهن جي مدت پوري ٿي چڪي آهي حڪومت ان جا معاهدا ختم ڪري .
حافظ نعيم چيو ته آءِ پي پيز جي معاهدي تي جيستائين نظرثاني نه ٿيندي ڌرڻو ختم نه ٿيندو جڏهن اوهان پنهنجا مفت پيٽرول، بجلي ختم ڪندئو، وڏيون گاڏيون ڇڏيندئو ته حالتون بهتر ٿينديون، بجلي قيمت هر صورت ۾ لاڳت مطابق ڪرڻي پوندي، پگهاردار طبقي ٽيڪس جو وڏو حصو جمع ڪرايو آهي، جاگيردارن تي ٽيڪس نه پيو لڳايو وڃي.
هن چيو ته ڳالهين جو ايندڙ مرحلو ميڊيا جي سامهون ٿيندو، اسان سمورا آپشن استعمال ڪنداسين، هڙتال ڪنداسين روڊن تي ويهنداسين، حڪومت اسان جا مطالبا ٻڌڻ کانپوءِ چوي ٿي اسان مجبور آهيون، حڪومت اِهو نه سمجهي ته اسان گهر هليا وينداسين، حڪومت مطالبا پورا نٿي ڪري سگهي ته گهر وڃي، مطالبا پورا نه ڪيا ويا ته هيءَ تحريڪ حڪومت هٽايو تحريڪ ۾ تبديل ٿي سگهي.
واضح رهي ته عوام تي ٽيڪسز ۽ آءِ پي پيز سان معاهدن جي خلاف راولپنڊي ۾گذريل ڇهن ڏينهن کان جماعت اسلامي جو ڌرڻو جاري آهي، حڪومت ۽ جماعت اسلامي وچ ۾ ڳالهين جا 2 دور ٿي چڪا آهن، جنهن ۾ جماعت اسلامي پنهنجا مطالبا حڪومت آڏو پيش ڪيا ۽ حڪومت مطالبن تي اتفاق ڪندي عملدرآمد لاءِ مهلت طلب ڪئي آهي.
You might also like